اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانا ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا ۽ کيس 13 مارچ تي سيشن عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڪئي، هن ڪالهه منجهند 3 وڳي فيصلو محفوظ ڪيو هو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عامر فاروق عمران خان جي وڪيل کي چيو ته اهي وارنٽ جوابدار کي ڪنهن جيل ۾ وجهڻ لاءِ ته ناهن هوندا، توهان ٻڌايو ته عدالت جوابدار کي ٻئي ڪهڙي طريقي سان گهرائي؟ قانون ۾ ته جوابدار جي حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ اهو هڪ ئي طريقو آهي، قانون کي پنهنجو رستو پاڻ ٺاهڻ ڏنو وڃي. عمران خان جي وڪيل چيو اسان جي اپيل آهي ته عمران خان جا وارنٽ رد ڪيا وڃن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ان سان ڇا ٿيندو؟ عدالت ته توهان کي ڪيس جي ٽرائل لاءِ گهرائي رهي آهي، ڪو اهڙو آرڊر پاس نه ڪندس جيڪو عام پريڪٽس کان ٻاهر هجي، فرد جرم لاءِ عمران خان کي ذاتي طور پيش ٿيڻو ته پوندو، 9 تاريخ تي عمران خان کي هتي پيش ٿيڻو آهي، هتي به ٿي وڃي. وڪيل چيو ته عمران خان کي سنگين سيڪيورٽي ٿريٽس آهن، چيف جسٽس چيو ته ميرٽ تي توهان کي هن درخواست ۾ ڪجهه ناهي ملڻو، مون کي ٻڌايو ته عمران خان ڪهڙي تاريخ تي پيش ٿيندو، اسان کي روز سيڪيورٽي ٿريٽس لاءِ ليٽر ايندا آهن ته ڇا ڪم بند ڪري ڇڏيون؟ چيف جسٽس عامر فاروق وڪيل کي چيو ته توهان عمران خان سان صلاح ڪيو، پوءِ عدالت 30 منٽن جو وقفو ڪري ڇڏيو. وقفي کانپوءِ وڪيل ٻڌايو ته عمران خان سان مشاورت ٿي آهي، هو 4 هفتن تائين پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهي، عمران خان کي پيش ٿيڻ لاءِ 4 هفتن جو وقت ڏنو وڃي. چيف جسٽس چيو پوءِ ته مون واري ڳالهه درست آهي، ڪچهري ايندڙ سڀني فريادين کي 2 مهينن جي تاريخ ڏئي ڇڏيان؟ مان ائين ڪو آرڊر قطعي جاري نٿو ڪري سگهان؟
