عمران خان جن سان ملڻ چاهي ٿو، اهي هاڻ هن سان ملڻ نٿا چاهين: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو ته عمران خان سياستدانن سان نه ڪنهن ٻئي سان ملڻ چاهي ٿو. پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو ته عمران خان راضي ٿئي ته ساڻس ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. پر عمران خان سياستدانن سان نه ڪنهن ٻئي سان ملڻ چاهي ٿو ۽ عمران خان جن سان ملڻ چاهي ٿو اهي عمران خان سان ملڻ نٿا چاهين. راڻا ثناءُالله چيو ته عمران خان کان ڪو پڇي ته هو انهن سان ڇو ملڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن عمران خان ملڻ ئي چاهي ٿو ته کيس اهو چوڻ گهرجي ته مان وزيراعظم شهباز شريف سان يا آصف زرداري سان ملڻ چاهيان ٿو. راڻا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته صوبن ۾ ڌار ڌار چونڊون ملڪ کي ٻوڙي ڇڏينديون. هن وقت آدمشماري جاري آهي. جيڪڏهن 30 مارچ تائين آدمشماري جو عمل مڪمل ٿي ويو ۽ نوٽيفاءِ ٿي ويو ته ان کان پوءِ آئين موجب چونڊون ايندڙ چئن مهينن کان اڳ نٿيون ڪرائي سگهجن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں