عورت مارچ جو مقصد اڄ جي عورت کي معاشي طور پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي:عائشه ڌاريجو

گهوٽڪي (رپورٽ: ذوهيب اياز دايو ) 8 مارچ تي گهوٽڪي ۾ رٿيل عورت آزادي مارچ جي سلسلي ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ڊاڪٽر عائشه حسن ڌاريجو، روبينا دايو ،ثمرين لاکو، نشا ڪنول، آغا بلاول پٺاڻ ، رئوف پارس دايو، الهورايو بوزدار ،سڪندر اوڳاهي ،سارنگ ڪلادي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عورت مارچ جو مقصد اڄ جي عورت کي معاشي طور پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي. هنن چارٽر آف ڊمانڊ ۾ نياڻين لاءِ پرائمري کان يونيورسٽي سطح تائين تعليم، ڪارنهن جي وڌندڙ واقعن جي روڪٿام، جرڳن تي پابندي، عورتن جو تحفظ، عورتن کي ملڪيت مان جائز ۽ قانوني حصو، جبري مذهب جي تبديلي ۽ننڍڙي عمر ۽ جبري شادين جي روڪٿام، عورتن کي معاشي طور مستحڪم ڪرڻ لاءِ 50 سيڪڙو ڪوٽا، عورتن تي جنسي ۽ جسماني تشدد جي روڪٿام عورتن کي هٿيارن جي ٽريننگ ۽ مفت لائسنس جي فراهمي ۽ حقوق تحفظ ايڪٽ ٽرانسجيندر پرسنس 2018 تي مڪمل عمل درآمد ڪرڻ جهڙا مطالبا منظور ڪرڻ جي گهر ڪئي . هنن چيو ته هن مارچ جو مقصد عورتن کي ملڪي آئين ۾ مليل حق وٺي ڏيڻ آهي. عورت مارچ جي ڪاميابي لاءِ سموري ضلعي ۾ جاڳرتا مهم هلائي وئي هئي جنهن ڪري سڀاڻي 12 وڳي سرڪٽ هائوس گهوٽڪي کان پريس ڪلب گهوٽڪي تائين ريلي ڪڍي ويندي ۽ مک تقريب پبلڪ پارڪ گهوٽڪي ۾ منعقد ڪئي ويندي. هنن چيو ته پريس ڪلب گهوٽڪي کان پپل چوڪ گهوٽڪي تائين مشعل بردار ريلي ڪڍي عورت جي آزادي واري پيغام جي پرچار ڪئي وئي آهي. هنن چيو سڀاڻي رٿيل ريلي جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. پريس ڪانفرنس بعد اڳواڻن مک تقريب واري هنڌ جو معائنو پڻ ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں