ڪراچي يونيورسٽي ۾ هندو شاگردن کي هولي ملهائڻ کان روڪڻ واري واقعي جي جاچ شروع

ڪراچي (بيورورپورٽ) اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي چيو آهي ته سنڌ ۾ سمورن مذهبن جي ماڻهن کي پنهنجون مذهبي رسمون ادا ڪرڻ جي آزادي آهي. سنڌ ۾ مڪمل مذهبي هم آهنگي آهي، هندو، عيسائي، سک، مسلمان هڪ ٻئي جي تھوارن ۾ شرڪت ڪندا آهن. هن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ هندو شاگردن کي هولي ملهائڻ کان روڪڻ واري واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ان معاملي تي يونيورسٽين واري صوبائي وزير اسماعيل راهو ۽ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. اقليتي معاملن واري صوبائي وزير چيو ته جانچ رپورٽ جو انتظار آهي. جيڪڏهن ڪو به شرپسند ان واقعي ۾ ملوث ثابت ٿيو ته ان خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته رپورٽ اچڻ کان اڳ سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙڻ کان پاسو ڪيو وڃي. صوبائي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اقليتي برادري جي تحفظ لاءِ سنڌ حڪومت کي خاص حڪم جاري ڪيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں