ثاقب نثار قوم جو ڏوهاري آهي، فيض حميد جو ڪورٽ مارشل ٿيڻ گهرجي: مريم نواز

لاهور (بيورو) پاڪستان مسلم ليگ نون جي مرڪزي نائيب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ  جنرل رٽائرڊ فيض حميد جو ڪورٽ مارشل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. هڪ ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ مريم نواز چيو ته فيض حميد چئن ورهين تائين عمران حڪومت جي حمايت ڪري مُلڪ تباهه ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ ٻه سال ن ليگ جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، غير آئيني  ڪردار ادا ڪرڻ تي  جنرل رٽائرڊ فيض حميد کي عبرت جو نشانو بڻائڻ گهرجي، سندس ڪورٽ مارشل ڪيو وڃي. هن چيو ته فيض حميد حاضر سروس هو ته سندس خلاف عدالت وئي هيس، سندس خلاف عدالت ۾ ثبوتن سان گڏ درخواست جمع ڪرائي. هن چيو ته فيض حميد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج شوڪت صديقي جي گهر ويو، شوڪت صديقي کي چيائين ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي سزا ڏيڻي آهي ضمانت نه. مريم نواز چيو ته هائبرڊ نظام آڻيندڙن کي سڀ کان وڏي سزا ووٽ کي عزت ڏيو جي شڪل ۾ ملي آهي، نوازشريف سهڻي نموني ماڻهن کي احساس ڏياريو ته سڀ ڪجهه آئيني ڪردار اندر بهتر لڳندو آهي، جيڪو آئيني ڪردار کان ٻاهر نڪري ڪجهه ڪندو ته ان جي قميت ادا ڪرڻي پوندي. ن ليگ جي چيف آرگنائيزر چيو ته هوءَ غير آئيني ڪردار ڪندڙن تي تنقيد ڪندي آهي ڪنهن به اداري کي حدف بڻائڻ جي حق ۾ هرگز ناهي، سندس خيال ۾ ادارن کي اهڙن ماڻهن کي سزا ڏيڻ گهرجي جيڪي ان جي بدنامي جو سبب بڻجڻ ٿا. هن چيو ته مان اڄ به حاضر سروس ماڻهن جا سرعام نالا کڻان ٿي ۽ سندس تصويرون ڏيکاريان ٿي، سياست ۽ مُلڪي نظام جن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي انهن جي نشاندهي تڏهن ڪئي جڏهن اِهي ڌريون سهگاريون ۽ بااختيار هيون. هن چيو ته پرويز الاهي آڊيو ۾ جَجَ جو نالو کڻي چئي رهيو آهي  ته سندس بئنچ ۾ اسان جو ڪيس مقرر ڪرايو، پرويز الاهي چئي رهيو آهي ته هو ملاقات ڪرڻ چاهي ٿو، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته لاڳاپا گهڻو پراڻا ۽ مضبوط آهن، آڊيو ليڪ ذريعي سڀني جا پول پڌرا ٿي ويا، جيڪي ماڻهو اڻواقف هئا، انهن آڏو سڀ واضح ٿي ويو. مريم نواز چيو ته جڏهن بئنچ جوڙي ٿي ته ماڻهن کي خبر پئجي وڃي ٿي ته هاڻي ڪهڙو فيصلو ايندو، اسان وٽ انصاف جا ٻه  معيار آهن، هڪ ن ليگ لاءِ ٻيو ٻي پارٽي لاءِ آهي. ن ليگ اڳواڻ چيو ته ثاقب نثار سان شايد ڪڏهن ڪا به ملاقات نه ٿي هئي پر جنرل باجوا سان هڪ ملاقات ٿي هئي، جنرل باجوا آرمي چيف بڻيو ته ساڻس پهريون ڀيرو وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي هئي، ان موقعي تي سندس فيملي به موجود هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں