حيدرآباد ۾ هزارين عورتن جو مارچ، ”نئون نعرو نئين سنڌ،جيئي عورت،جيئي سنڌ“ جي نعرن جي گونج

حيدرآباد(رپورٽر) وومين ايڪشن فورم حيدرآباد پاران عورتن جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي حيدرآباد جي علائقي شھباز بلڊنگ کان پريس ڪلب تائين عورت آزادي مارچ ڪيو ويو، مارچ ۾ عورتن، شاگردياڻين، ھارياڻين، پورھيت عورتن، سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، انساني حقن جي ڪارڪنن توڙي اديبن شاعرن، ليکڪن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، “نئون نعرو نئين سنڌ، جيئي عورت جيئي سنڌ” سميت عورتن جي حقن جي لاءِ زوردار نعرن جي گونج ۾ شروع ٿيل مارچ اسٽيٽ بينڪ، گل سينٽر ۽ اولڊ ڪيمپس کان ٿيندو پريس ڪلب پھتو، جتي جلسو منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي ناليواري ليکڪه نورالهديٰ شاهه خطاب ڪندي چيو ته عورت آزادي مارچ سڄي ملڪ ۾ ٿئي ٿو، پر حيدرآباد جي مارچ ۾ خاص ڳالهه آهي ته هتي هندو، ڪرسچن عورتون ۽ هارياڻيون شامل هونديون آهن. هن مذھبي ٿورائي وارين عورتن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي مذهب جي نالي تي استعمال ڪيو وڃي ٿو، نياڻين جو مذهب تبديل ڪندڙ پنهنجون خواهشون پوريون ڪن ٿا، اوهين اٿو ۽ انهن آڏو ڳالهايو. هن هارياڻين سان مخاطب ٿيندي چيو ته پنهنجي اجرت جي معلومات رکو ائين ته ناهي ته اوهان کي گھٽ اجرت ڏيڻ تي ڪم ورتو ٿو وڃي، زميندارن آڏو ڳالهائڻ سکو، ڇو تھ پوکڻ ۽ لڻڻ واريون اوهين آهيو ۽ هو کائڻ وارا آهن. هن آزادي مارچ ۾ شريڪ سمورين عورتن کي چيو ته تشدد کان انڪاري ٿيو، پنهنجن ڀينرن ۽ ڌيئرن سان مضبوط ٿي رهو، اوهان جو ڪوبه حقدار يا وارث ناهي، هميشه ڏٺو ويو آهي ته عورت کي قتل ڪندڙ سندن ڀائر، سئوٽ، ماسات ۽ پنهنجا هوندا آھن، اوهان ڪنهن کي به پنهنجو وارث نه بڻايو. هن چيو ته پنهنجي ڀيڻ، ڌيءُ جي قاتلن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو، اوهان کي ڊپ ٿيندو پر ڊڄو نه اٿو ۽ ڳالهايو، ڳالهائڻ ۽ چيلينج ڪرڻ سکو ته جيئن هي خون ختم ٿي سگهي نه ته اڄ هڪ جو لاش ملندو ته سڀاڻ ٻي عورت جو لاش ملندو. عورت اڳواڻ ڊاڪٽر عرفانه ملاح چيو ته عورت آزادي مارچ جي جاڳرتا مھم دوران ڪجهه عورتن طرفان مطالبا رکيا ويا ته گهريلو ڪم ڪندڙ عورتن جي اجرت وڌائي وڃي، هن عورت آزادي مارچ ۾ مطالبو ڪيون ٿا ته گهريلو ڪم ڪندڙ عورتن جي اجرت مزدورن جي اجرت برابر ڪئي وڃي. هن چيو ته اسان هڪ اهڙي سماج لاءِ نڪتا آهيون، جتي عورت جي گهران نڪرڻ لاءِ ڪنهن جي به اجازت جي ضرورت نه ھجي، پوليٽيڪل ايڪٽ ۾ ترميم ڪري اسيمبلين ۾ عورتن کي سڌي ريت سيٽون ڏنيون وڃن ته جيئن عورتون اسيمبليءَ ۾ ويهي فيصلا ڪري سگهن. ويف ڪراچي جي اڳواڻ عطيه دائود چيو ته حيدرآباد ويف عورت آزادي مارچ لاءِ مهينن جا مهينا محنت ڪئي آهي، حيدرآباد جهڙي شهر ۾ عورت جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪرڻ آسان ناهي، ماضي ۾ عورت جي جدوجهد جي ڳالهه ڪرڻ تي خاموش ڪرايو ويندو هيو، آزادي جي ڳالهه ڪرڻ تان انهن عورتن تي تنز ڪيو ويندو هيو ته ڪجهه وار ڪتريل عورتون اهڙي ڳالهه ڪري رهيون آهن، پر هن جدوجهد ۾ مزدور عورتون ۽ هر طبقي جون عورتون شامل آهن. پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ جي اڳواڻ زيب النساءَ ملاح چيو ته سياست ۾ حصو وٺندڙ عورتون پنهنجا مسئلا اجاگر ڪن. هن مطالبو ڪيو ته مڪاني ۽ عام چونڊن ۾ عورتن کي وڌيڪ سيٽون ڏنيون وڃن ته جيئن عورتون پنھنجن مسئلن کي اجاگر ڪري سگهن. وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي ماروي لطيفي چيو ته اسان کي هر سال چيو ويندو آهي ته توهان کي آزادي مارچ لاءِ اجازت نه ڏينداسين، پر اسان هر سال آزادي مارچ ڪري پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ آواز اٿارينديوسين. هن چيو ته هن سماج ۾ عورت ۽ مرد لاءِ برابري جي بنياد تي روزگار ڏنو وڃي، ڇو ته پدرشاهي نظام ۾ مرد کي جيڪڏهن روزگار نٿو ملي ته هو عورت تي پنهنجي ڪاوڙ ڪڍي ٿو، اسان عورتون جيڪڏهن گڏجي نه وڙهنديوسين ته ڪجهه نه ٿيندو. ماروي اعواڻ چيو ته عورتن جي حق لاءِ هر سال آزادي مارچ ٿيندو رھندو ۽ اسان عورتن جي حقن جون ڳالهه ڪندا رھنداسين. زينت ڀٽي چيو ته اڄوڪي دور ۾ عورت تعليم کانسواءِ ڪجهه ناهي، اسان جي ڳوٺن ۾ اسڪول ناهن، حڪومت گھٽ ۾ گھٽ نياڻين جي لاءِ اسڪول فراھم ڪري. راڌا ڀيل چيو ته اڄوڪي آزادي مارچ ۾ ڪجهه عورتون آزاد ٿي گهران نڪتيون آهن ۽ ڪي وڙهي ڪري نڪتيون آھن، والد، ڀاءُ ۽ مڙس اسان جا ئي آهن، انهن کي مڃائينداسين، اسان هنن کي ڄڻيو آهي، پر ھنن اسان کي ناھي ڄڻيو.عورت آزادي مارچ ۾ سورج پليجو، رخسانه پريت چنڙ عورتن جي حقن لاءِ ترانه پيش ڪيا، جڏهن ته نامياري آرٽسٽ تاج مستاني گيت ڳائي مظلوم عورتن ۽ عورتن جي حقن واري جدوجھد کي ڀيٽا پيش ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں