دادو ۾ غيرمعياري کير جي وڪري خلاف شهرين جو احتجاج

دادو(ڊ ر ) دادو ۾ سبزي فروش پورهيت ميوو خان سولنگي ٻين شهرين عمران سولنگي، محمد شريف ٻٻر، محمد عارف عباسي، علي شير پنهور، شمن سولنگي شهر جي هوٽلن تي وڪرو ٿيندڙ ۽ چانهه ۾ ڪيميڪل وارو کير استعمال ڪندڙ هوٽل مالڪن ۽ کير جي دڪانن جي مالڪن خلاف قانوني ڪاروائي جو مطالبو ڪيو، مظاهرين جو چوڻ هو ته چانهه، ڏهي ۽ کير ۾ دادو شهر جي اڪثر هوٽلن ۽ کير جي دڪانن تي ڪيميڪل استعمال ٿي رهيو آهي ۽ انهن واپارين پاران هٿرادو مهانگائي پڻ ڪئي وئي آهي هنن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو، ڊپٽي ڪمشنر دادو ۽ ٻين اختيارين کان گهر ڪئي ته هن ڪاروبار ۾ ملوث واپارين، دڪاندارن ۽ هوٽل مالڪن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں