لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ لاڙڪاڻي طرفان ڊجيٽل آدمشاري، گھرشماري، مهانگائي، پاڻي ۽ وسيلن تي لڳل ڌاڙي خلاف نئون ديرو کان نڪتل قومي مارچ جو قافلو لاڙڪاڻي شهر جي جناح باغ چوڪ وٽ پهتو جتي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان گلن جي ورکا ڪري سندن استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي ضلعي صدر سڪندر لاشاري، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسلم سومرو، ايڊووڪيٽ جميل احمد ميمڻ، ايڊووڪيٽ غلام شبير جتوئي، جميل احمد لاڙ، عبدالرحمٰن سپڙو، امان الله ڀٽو، يوسف ڏيٿو، وسيم ابڙو ۽ چيو ته پنهنجي تاريخ وطن سنڌ کي ٽوڙڻ ۽ سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ناپاڪ سازش لاءِ دهشتگرد ٽولو ڪرپٽ حڪمرانن کان وقت کان اڳ ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي رهيو آهي، ڊجيٽل آدمشماري ۾ ڪراچي ۾ لکين افغانين، بنگالين، بهارين، برمين، هندوستانين ۽ ٻين غيرقانوني پرڏيهين کي ڳڻي انهن کي تحفظ ڏنو ويندو تنهن ڪري اسين ڊجيٽل آدمشماري کي سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪري سنڌ جي وحدت تي حملو سمجهون ٿا. هنن چيو ته 15 سالن کان اقتدار ۾ ويٺل حڪمرانن سنڌ جي زراعت تباهه ڪري مهانگائي کي آسمان تي پهچائي هارين، مزدورن ۽ غريب ماڻهن کان ٻن وقت جي ماني به ڦري ورتي آهي، غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ مسڪين ماڻهو پنهنجا ٻچا وڪڻڻ ۽ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن، ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ جو تيل، گئس، معدنيات ۽ ٻي قدرتي دولت ۽ وسيلا وفاق کي وڪڻي ڏئي ڇڏيا آهن، سنڌو درياهه تي ڪئنال ۽ ڊيم ٺاهي پاڻي تي ڌاڙا هڻي سنڌ کي ڀڙڀانگ ۽ تباهه ڪيو پيو وڃي، ڪراچي، ڪوهستان ساحلي پٽي ۽ شهرن جي زمينن کي تين وال ڪيو پيو وڃي جنهن خلاف قومي عوامي تحريڪ طرفان هي مارچ ڪيو ويو آهي. اسين مطالبو ٿا ڪيون ته فوري طور ڊجيٽيل آدمشماري بند ڪري مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري پاڻي ۽ ٻين وسيلن جي ڌاڙي هڻڻ واري عمل کان پاسو ڪيو وڃي.
