سٺي سماج جي تشڪيل لاءِ عورتن ۽ مردن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: قائم علي شاهه

ڪراچي(بيورو رپورٽ) عورتن جي عالمي ڏهاڙي حوالي سان شهيد بينظير ڀٽو چيئر ڪراچي يونيورسٽي پاران آئي بي اي ڪراچي يونيورسٽي آڊيٽوريم هال ۾ بااختيار عورت ۽ بينظير ڀٽو جو ويزن عنوان هيٺ سيمينار ڪوٺايو ويو، تقريب ۾ يونيورسٽي جي استادن، شاگرد ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزير اعلي سنڌ قائم علي شاهه چيو ته هاڻ پاڪستان جي هر پروفيشنل اداري ۾ عورتن جو تعداد وڌي رهيو جنهن جي پويان شهيد بينظير ڀٽو جي سوچ آهي. سيد قائم علي شاهه چيو ته شھيد بينظير ڊائلاگ جي بادشاهه ھئي آمريڪا جنرل ضياءِ کي کتو جواب ڏنو پر ڪلنٽن شھيد راڻي جو جھڪي در به کوليو۽ رڪيل ايف 16 به ڏئي ڇڏيا. شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي ڪم ۽ ڪردار جي ڪري ڪروڙين عوام جي اڄ به آئيڊيل آهي پ پ حڪومت بينظير ڀٽو جي مشن مطابق قانوني حق ڏنا آهن. بينظير ڀٽو ضياءِ الحق آمر جي عتاب کان ويندي مشرف جي آمريت تائين مردن کان به وڌيڪ بهادر بڻجي جمهوريت جي بحالي لاءِ عملي جدوجهد ڪئي عورتون هر معاملي ۾ مردن کان گهٽ نه آهن سٺي سماج جي تشڪيل لاءِ عورت ۽ مرد کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو 00 سينيٽر سسئي پليجو خطاب ڪندي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو سموري دنيا جي مظلومن جو آواز هئي هن کي جڏهن به موقعو مليو ته هن عورتن کي جائز مقام ڏيارڻ ۽ بااختيار ڏسڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. هن سدائين انتهاپسندي خلاف وڏي بهادري سان جنگ ڪئي ڊڪٽيٽر ضياء جي ڪلاشن ڪوف ڪلچر ظلم بربريت منشيات جو ڪيو .عورتن کي بااختيار بڻايو پھرين ايامڪاريءَ عورتن کي نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽاڏئي عورتن کي اڳتي آندو مان مسلسل جنرل سيٽ تي اليڪشن کٽي بينظير بھادر پيء جي بھادر ڌيءَ ھئي مذھبي رواداري ۽ برداشت جو سبق ڏنائين. مغربي دنيا ۾ اسلام جو وقار بلند ڪيو. شرميلا فاروقي چيو ته بينظير ڀٽو هڪ عورت نه پر سوچ ۽ محبت جو نالو هئي هن آمرن جي هر ظلم جو ثابت قدمي سان مهاڏو اٽڪايو تحريڪ پاڪستان کان وٺي اڄ تائين عورتن سماج جي مثبت تبديلي لاءِ زبردست ڪم ڪيو آهي جيستائين عورت ۽ مرد گڏ نه هلندا تيستائين معاشرو اڳتي نه وڌنڌو. سعيد غني چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ ڪجهه اهڙيون عورتون آهن جن مرداڻي سماج ۾ وڏو نالو ڪمايو شهيد بي ڀٽو انهن مان هڪ آهي ذوالفقار علي ڀٽو جي اقتدار جي خاتمي کان پوءِ هن جي سياسي زندگي جي شروعات ٿي ۽ شهيد ٿيڻ تائين 25 سالن کان وڌيڪ انتهائي ڏکيو سياسي سفر ڪيو هوءَ صرف پاڪستان جو نه پر عالم اسلام جو فخر آهي هن سموري زندگي عوام ۽ جمهوريت لاءِ اسٽيبلشمينٽ ۽ عورت دشمن قوتن سان ويڙهه ڪئي پاڪستان ۾ عورت کي عزت ڏيارڻ ۾ شهيد بينظير ڀٽو جو اهم ڪردار رهيو وي سي خالد محمود عراقي چيو ته عورت کي بااختيار بڻائڻ لاءِ صرف عورتن جي تعليم سان ئي ممڪن آهي اچو ته نياڻين کي پڙهايون ۽ انهن کي عزت به ڏيون جنس جو فرق ختم ڪرڻو پوندو عورتن کي هر فورم تي برابر نمائندگي نه ٿي ڏني وڃي شهيد بي ڀٽو عورتن جي استحصال جي خاتمي لاءِ عملي ڪم ڪري تاريخ رقم ڪئي شهيد بينظير ڀٽو چيئر جي چيئرمين ابراهيم شيخ چيو ته شهيد بي ڀٽو مرداڻي سماج ۾ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيو شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي حڪومت ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ قانون سازي ڪئي ۽ عورتن جي فلاح بهبود لاءِ ادارا قائم ڪيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں