سکر ۾ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو

سکر (پ ر) روزن پاڪستان پاران يو اين ٽي ايف جي گڏيل سھڪار سان سکر جي مقامي هوٽل ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان روزن جي صبين فياز ۽ افشان اصغر چيو ته عورتن جو عالمي ڏينهن پوري دنيا ۾ ھر سال ملھايو ويندو آهي،ته جيئن عام ماڻهن ۾ ھن ڏينهن جي حوالي سان وڌ کان وڌ معلومات ملي سگهي، صبين فياز ۽ افشان اصغر وڌيڪ چيو ته دنيا تمام وڏي ترقي ڪئي آهي،جنهن ۾ انٽرنيٽ جي ذريعي ڊجيٽل طريقي سان ڪاروبار آساني سان ڪري سگھجي ٿو ان ۾ نوان نوان آئيڊياز شامل ڪري مرد ء عورتون گڏجي پنھنجو مستقبل روشن ڪري سگهن ٿيون، عورتن جي پروگرام ۾ اسٽيج تي ويٺل شازيا عباسي، رابعا مرزا، سغران سھتو اميحانيا ۽ روزينا سيال، پنھنجي ڊجيٽل ڪاروبار مان ملندڙ فائدن متعلق آگاھي پڻ ڏني،انهن سڀني عورتن کي روزن طرفان ايوارڊ پڻ ڏنا ويا، پروگرام ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي پريزيڊنٽ ايڊووڪيٽ شفقت رحيم، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ الاهي بخش ميتلو، سياسي سماجي اڳواڻ عذرا جمال، ناري فائونڊيشن جي انور مهر، اسٽيپ فائونڊيشن جي شائسته کوسو،سماجي اڳواڻ فاطمه منگي، وومين ڊولپمينٽ جي غفار ٿھيم، ھينڊس جي زاھد خاصخيلي، ساحل جي برڪت انصاري، ايس ايس ڊي او جي سعيد منڱريو، سميعا الله، وومين ۽ چائلڊ پروٽيڪشن سيل ڊي آء جي آفيس سکر کان رخسانا منگي،سيف ھائوس کان، صبا بتول ء حامدا شرڪت ڪئي پروگرام ۾ مختلف ڳوٺن ۽ ادارن کان آيل عورتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں