سوڀوديرو (ن س)سڳيون جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ نظام الدين ڪلهوڙو ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن معزز شخصيتن جي مان ۾ علي شير ڪلهوڙو، علي حوت، محمد صيفل ڪلهوڙو طرفان آجياڻي جي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ پي پي ايم پي اي سردار سهيل انور سيال جي ڀاءُ پي پي تعلقي باقراڻي جي صدر سردار طارق انور خان سيال، انجمن اتحاد عباسيه صوبي سنڌ جي صدر سردار شاهنواز خان ڪلهوڙو، سرائي بخت علي سيال، نديم علي انڙ، سيد صفدر علي شاهه، محمد عارف ڪلهوڙو ،اقبال ٻٽ، سيد رياض حسين شاهه، گلاب خان ڪلهوڙو، نيشنل پريس ڪلب سڳيون جي صدر گلاب علي سيال، فدا حسين عباسي، نجيب علي عباسي، مختيار عباسي سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي ان موقعي تي آجياڻي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن سردار طارق انور خان سيال ،انجمن اتحاد عباسيه صوبي سنڌ جي صدر سردار شاهنواز خان ڪلهوڙو ،سرائي بخت علي سيال ۽ ٻين چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي وڏي پارٽي آهي ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هوندو پيپلزپارٽي تمام گهڻا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن پاڪستان پيپلزپارٽي عوامي خدمت ڪرڻ کي ترجيح ڏني آهي، هنن وڌيڪ چيو ته اهڙي قسم جي جا پروگرام منعقد ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته هڪ ٻئي سان پيار محبت ۽ امن جو پيغام ڏيڻ آهي هن نفسانفسي جي دور ۾ اهڙا ميڙاڪا ڪرڻ وڏي خوشي جهڙي ڳالهه آهي هنن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سڀني برادرين جي ماڻهن کي گهرجي ته هڪ ٻئي سان امن پيار محبت سان رهن ننڍي ننڍي ڳالھ کي درگذر ڪري امن سڪون واري زندگي گذارين وڌ کان وڌ ديني، دنوي تعليم تي ڌيان ڏين ان ۾ سڪون ملي، آجياڻي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ خاص مهمانن کي سنڌ جي ثقافت موجب مهمانن کي بوسڪي جا پٽڪا، اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا پيش ڪيا ويا
