عمرڪوٽ (ڊ ر)سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪئمپس عمرڪوٽ پاران منعقد ڪيل پهرين بين الاقوامي ڪانفرنس کي صوبائي وزير تعليم سيد سردار شاھ خطاب چيو ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ يونيورسٽي جو قيام هڪ خواب هو پر سنڌ حڪومت جي ڪوششن سان سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪئمپس عمرڪوٽ جو قيام ممڪن بڻيو جنهن سان هتان جي عوام کي فائدو پهچي رهيو آهي، هن چيو ته يونيورسٽي کي تحقيق جي ميدان ۾ اڳتي اچڻو پوندو، صوبائي وزير چيو ته عمرڪوٽ جي پنهنجي ثقافتي ۽ تاريخي حيثيت آهي ۽ عمرڪوٽ ثقافت جو حب آهي جيڪو راجستان سان به ملي ٿو، هاڪڙو ڍنڍ جي ڪري هي خوشحال ضلعو هو، هن چيو ته سنڌ 1 لک 40هزار اسڪوائر ڪلو ميٽر تي ڦهليل صوبو آهي جنهن مان 1 لک اسڪوائر ڪلو ميٽر، ڪوهستان، ڪاڇو، ڊزرٽ ۽ جابلو علائقي تي مشتمل آهي صرف 30 هزار اسڪوائر ڪلو ميٽر نهري پاڻي ذريعي آباد علائقو آهي، غذائي تحفظ هڪ اهم مسئلو آهي جيڪو مستقبل ۾ اهم مسئلو بڻجي وڃي رهيو آهي جنهن جي لاءِ زرعي يونيورسٽي ۽ تحقيقي ادارن کي اڳتي اچڻو پوندو، جنهن لاءِ زرعي يونيورسٽي ۽ گورنمينٽ جو پاڻ ۾ رابطو هئڻ گهرجي، ان موقعي تي سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪئمپس عمرڪوٽ جي پهرين ٻين الاقوامي ڪانفرنس جي ٻئين ڏينهن تي صوبائي وزير تعليم ۽ ثقافت سيد سردار شاھ، ، وائيس چانسلر سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري، وائس چانسلر اين اي ڊي يونيورسٽي ، پاڪستان ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل اسلام آباد جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر زاهد ڏاهري،عمرڪوٽ ڪئمپس جي پرو وائس چانسلر پروفیسر ڊاڪٽر جان محمد مري، ء ٻين ،پروفيسرن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪئمپس عمرڪوٽ پاران منعقد ڪيل پهرين بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ 6 پينل سيشن جنهن ۾ بياباني زراعت، اٺن جي پالنا ۽ اهميت، پکين جي پالنا ۽ اهميت، ڳوٺاڻي عورتن جو زراعت ۾ ڪردار ۽ ٻيا مختلف زرعي شعبا شامل هئا، جڏهن ته ڪانفرنس ۾ اٺن جي ڊوڙ جا مقابلا ۽ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پروگرام، ان کان علاوه 106 زرعي تحقيقي مقالا پڻ پڙهيا ويا.
