دادو(ڊ ر) 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ ليڊيز ونگ سنڌ جي صدر زاهده ڀنڊ عورتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اسان ان نظام کي ختم ڪنداسين جيڪو عورتن کي بنيادي حقن جي حاصلات ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿو، ۽ ڪير سندن جي آواز کي دٻائي ٿو، عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد وقت جي اولين ضرورت آهي، عورتن کي بااختيار بڻايو وڃي، پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ عورتن جي نمائندگي 33 سيڪڙو آهي، جيڪو دنيا لاءِ هڪ سٺو مثال آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ مسلم ليگ (ن) هميشه اسيمبلين ۽ هر فورم تي ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪندي رهندي، مستقبل ۾ مريم نواز سميت انهن سڀني عورتن کي سلام پيش ڪريان ٿي جيڪي قيد جي دورن مان به گذريون آهن،
