ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف جينڊر اسٽڊيز پاران 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف شعبن جي سربراهن ۽ استادن شرڪت ڪئي. سيمينار ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت خاص معاون تنزيلا اُم حبيبه قمبراڻي مک مهمان طور شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي تنزيلا اُم حبيبه چيو ته عورت کي سڀ کان پهرين پاڻ کي عزت ڏيڻ گھرجي ۽ پوءِ کيس سماج عزت ڏيندو. عورت ڪنهن به شعبي ۾ مرد کان گهٽ نه آهي. عورتون سماج جو 50 سيڪڙو حصو آهن، جيڪڏهن اهي پوئتي رهجي ويون ته اسين ڪڏهن به دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي نه هلي سگهنداسين. انسٽيٽيوٽ آف جينڊر اسٽڊيز جي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي چيو ته جينڊر اسٽيڊيز جي تعليم کي عام ڪرڻ کانسواءِ اھو ممڪن ناھي ته سماج ۾ برابري جو تصور به پيدا ٿي سگھي، اڄ به ڪيترن ئي علائقن ۾ مرد عورتن کي تعليم ئي نٿا ڏيارين ته شعور ڪيئن ايندو. ھن مطالبو ڪيو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن جي نصاب ۾ جينڊر اسٽڊيز جو مضمون شامل ڪيو وڃي ته جيئن جنسي متڀيد ۽ مرد عورت جو پروفيشنل ميدان ۾ فرق جو خاتمو آڻي سگهجي. پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل موجب جنسي برابري حاصل ڪرڻ ۾ اسان کي 300 سال لڳي ويندا، ھاڻي سوچيو ته پاڪستان ۾ جنسي برابري ڪڏهن ايندي؟ ان لاءِ اسان کي متحد ٿي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي جي استاد ڊاڪٽر شازيه ”اسٽوڊنٽ سيفٽي“ جي نالي سان هڪ موبائيل ايپليڪشن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ان جي استعمال جو طريقو بيان ڪيو. ڊاڪٽر شازيه ٻڌايو ته چاهي عورت هجي يا مرد، جيڪڏهن ڪنهن کي هراس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته هو پنهنجي موبائيل فون تي ڄاڻايل ايپليڪيشن ذريعي هراس ڪندڙ جي تصوير ڪڍي ڇڏي، جيڪا خودڪار نظام تحت لاڳاپيل اداري ڏانهن ٽرانسفر ٿي ويندي ۽ هراس ڪندڙ خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. اها ايپليڪيشن پاڪستان جي ڪنهن به يونيورسٽيءَ ۾ موجود ناهي، اها ايپليڪيشن متعارف ڪرائڻ جو اعزاز صرف سنڌ يونيورسٽيءَ کي حاصل آهي. آخر ۾ انسٽيٽيوٽ آف جينڊر اسٽڊيز جي چيئرپرسن ۽ استادن مهمانن کي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا.
