فيض حميد خلاف انڪوائري ٿي رهي آهي، عدالتي فيصلا حيراني جو سبب ضرور آهن: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف جاچ ادارا انڪوائري ڪري رهيا آهن، ڪا اڳڀرائي ٿي ته سامهون اچي ويندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته فيض حميد جو ڪورٽ مارشل حڪومت نه ادارو ئي ڪري سگهي ٿو، ڪورٽ مارشل گهرو وزارت نه ۽ جي ايڇ ڪيو ڪندو آهي، عمران خان جي انجام تي پهچڻ بنا ملڪ اڳتي نه وڌندو، اميد ته عمران خان 13 مارچ تي عدالت ۾ پيش ٿي ويندو، اها به اميد آهي ته پيش نه ٿيڻ تي کيس وڌيڪ رليف نه ملندو، هاڻ جيڪڏهن ان سان وڌيڪ مهرباني ٿي ته سوال اٿندا. هن چيو ته اسان عدالتي فيصلن جو احترام ڪيون ٿا پر فيصلا اسان لاءِ حيراني جو سبب ضرور آهن، عمران خان کي جهڙو رليف هاءِ ڪورٽ مان مليو آهي، اسان اهڙو اڳ ۾ ته ناهي ڏٺو، منهنجو ناهي خيال ته 13 مارچ کانپوءِ وڌيڪ گنجائش هوندي. سندس چوڻ هو ته فرح گوگي 12 ارب رپيا کڻي دبئي ڀڄي وئي آهي، فرح گوگي عمران خان جي فرنٽ مين هئي، نيب ۾ سڄو رڪارڊ پيو آهي، ڪڏهن هن ٻڌايو ته 450 ڪنال ايراضي سندس نالي ڪيئن لڳي وئي؟ ڪڏهن هن قومي ناڻي کي 50 ارب رپين جي نقصان جو جواب ڏنو؟ نئين نيب چيئرمين کي گهرجي ته سستي ختم ڪري معاملو اڳتي وڌائي. راڻا ثناءُ الله چيو ته مني لانڊرنگ، ٽيريان وائٽ ۽ توشا خانا معاملي تي ان کي جيڪو رليف ملڻو هو اهو ملي ويو، جيڪڏهن ان کي ووٽ جي طاقت سان ٻاهر نه ڪيو ويو ته اهو ملڪ لاءِ ڪنهن حادثي جو سبب بڻجندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں