قانونسازيءَ ۾ عورتن کي اهميت ڏني وڃي: سافڪو

حيدرآباد (پ ر) سافڪو ۽ ان جي ذيلي تنظيمن طرفان عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ملڪي قانون سازي ۾ عورتن جي حقن تي ڌيان جي گھر ڪئي وئي ته جيئن برابريءَ جا موقعا ملڻ سان اهي ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگھن. سافڪو ايڇ آءِ ڊي هال ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ سنڌ ايگريڪلچرل اينڊ فاريسٽري ورڪرس ڪوآرڊينيٽنگ آرگنائيزيشن (سافڪو) سافڪو سپورٽ فائونڊيشن ۽ سافڪو مائيڪرو فنانس ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ عورتن ۽ مردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سافڪو جي باني ۽ سرواڻ سليمان جي ابڙو چيو ته هن وقت دنيا ۾ هڪ هڪ ارب عورتون بئنڪاري سهولتن کان محروم آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ جتي آباديءَ جو اڌ کان وڌيڪ حشو عورتن جا آهي، اتي رڳو 18 سيڪڙو عورتن کي بئنڪن تائين رسائي حاصل آهي. هن چيو ته سافڪو عورتن کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ کين ڪاروبار ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي، اهو سبب آهي جو اسان ٻهراڙيءَ جي عورتن جو زراعت ۽ ڪاروبار وارو ايوان قائم ڪيو آهي. هن چيو ته سياسي پارٽيون پنهنجي منشور تي عمل ڪن ته ملڪ ۾ ٿيندڙ قانون سازيءَ ۾ عورتن جي حقن کي اهميت ملي سگھندي. ان موقعي تي سيد سجاد علي شاهه معاشري ۾ عورت جي اهميت خاص ڪري اسلام جي ڦهلاءَ ۾ عظيمن عورتن جي ڪردار تي روشني وڌي. هن عورتن جي حوالي سان سافڪو جي ڪمن کي پڻ اجاگر ڪيو. تقريب ناديه لاڙڪ، ماريه ميمڻ، سعديه شيخ، زارا ٽالپر، سبين، بيلا ڀاٽيا، مصطفيٰ راڄپر، حميد ملاح ۽ ٻين پڻ خيالن جو اظهار ڪيو. تقريب ۾ عورتن جي حقن، سماج جي تعمير ۾ سندن محنت ۽ قربانين بابت مختصر فلمون پڻ ڏيکاريون ويون. آخر ۾ ان موقعي تي سافڪو ۾ ڪم ڪندڙ عورتن ڪيڪ پڻ ڪٽيو ۽ سڀن کي ’عورتن جي ڏينهن‘ جون مبارڪون پڻ ڏنيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں