لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي خانگي تعليمي اداري سنڌ پبلڪ اسڪول طرفان سائنس ايگزيبيوشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪولز عبدالوحيد چانڊيو، پرنسپال محمد يامين بلوچ سميت استادن، ٽيچرس، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سڄي دنيا ۾ ٻن قسمن جا معاشرا ٿيندا آهن، هڪڙا اهي معاشرا هوندا آهن، جيڪي تخليقي هوندا آهن ۽ ٻيا غير تخليقي ٿيندا آهن، جيڪي تخليقي معاشرا هوندا آهن، اهي سائينس طرف گهڻو ڌيان ڏيندا آهن، ڇو ته سائينس انسان جي سماجي زندگي آهي ان ۾ هن جو تمام گهڻو ڪردار ادا ٿئي ٿو، سائينس ايگزيبيوشن ڪرڻ سان ٻارن جو سائينس طرف رجهان وڌي ٿو، علم جي طرف لاڙو ڪن ٿا، جنهن سان ٻارن جي ذهني نشونمان ٿئي ٿي.
