گهوٽڪي(رپورٽ: ذوهيب اياز دايو)عورتن جي عالمي ڏينهن اٺين مارچ جي حوالي سان گهوٽڪي ۾ شاندار آزادي مارچ،عورتون پنهنجي حقن جا پينا فليڪس ۽ پلي ڪارڊ کڻي روڊن ۽ رستن تي نڪري آيون، هزارين عورتن جي شرڪت، عورتن جي نعرن سان سمورو شهر گونجي پيو، روشن تارا ماڊل هاير سيڪنڊري اسڪول گهوٽڪي جي شاگردياڻين ڀٽائي جي ستن سورمين جي حوالي سان شاندار ٽيبلوز پيش ڪيا، تفصيل موجب گذريل موجب اربع ڏينهن گهوٽڪي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ سهائي آرگنائيزيشن ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي گهوٽڪي پاران شرڪت هائوس کان پبلڪ پارڪ گهوٽڪي تائين ٻن ڪلوميٽرن ۾ شاندار مارچ ڪيو، جنهن ۾ هزارين عورتن شرڪت ڪري رياست کان مطالبا ڪري ڇڏيا، انهيءَ موقعي تي ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو، ناليوارو صحافي نعمت کهڙو، ڊاڪٽر علي اڪبر نائچ، سنڌ بار ڪونسل جو اڳواڻ ايڊووڪيٽ عبدالرزاق مهر، ڪامريڊ عاليا بخشل،ڪامريڊ زرقا شر، شاهدا چانڊيو،فوزيا سينگار،روبينا ناز دايو،ريحانا،آغا بلاول پٺاڻ ،سيد غضنفر بخاري، مظهر چاچڙ ،رئوف پارس دايو،سڪندر اوڳاهي ،دايو،ايڊووڪيٽ لعل بخش گهوٽو، ،سارنگ ڪلادي،الهورايو بوزدار،ايازلطيف دايو،نصرالله ڪلادي،خالد ڪلادي،عبدالحئي ڀٽو،خالد لاکو، محمد دين راڄڙي، زاهد ڀٽو، استاد عبدالغفور سندراڻي، ستار زنگيجو،پروفيسر وجيش ڪمار پروفيسر عبدالحفيظ دايو، آفتاب خاصخيلي، مقصود گل ۽ ٻيا موجود هئا. پروگرام جي ڪارروائي عائشه ڌاريجو ۽ عاليا بخشل هلائي، عائشه ڌاريجو ڳالهائيندي چيو ته اڄ سموري دنيا ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، اسانجو سنڌي سماج عورتن جي حوالي سان وڌيڪ تڪليفن ۾ آهي، عورتن سان جانورن وارو ورتاء ٿي رهيو آهي،سنڌي سماج جي عورتن کي گهر جا رشتا قتل ڪري رهيا آهن،اهم اهو آهي ته انهن جي نا انصافين جي لاءِ رياست گونگي ۽ ٻوڙي ٿي چڪي آهي، هن چيو ته اسان عورتن جو عالمي ڏينهن وڏن شهرن بدران قبائلي علائقن ۽ جاگيرداري اثر واري ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جتي عورتون ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙجي رهيون آهن، ناليواري صحافي نعمت کهڙي چيو ته جيڪا پارٽي پنهنجي ليڊر بينظير ڀٽو جي قتل سان انصاف ڪري نه سگهي آهي، اها ام رباب، شيرين جوکيو، نازيا کوسو کي ڪهڙو انصاف ڏياريندي، هن چيو ته انتها پسندي ايتري وڌي وئي آهي جو انهن کان پنهنجي ڀينرن ۽ مائرن جي عزت به عزت وسري وئي آهي، انهن مڪار مردن کان عورتن جي آزادي هضم نٿي ٿئي ۽ اهو انهن کان وسري ٿو وڃي ته انهن کي به ڪنهن عورت جنم ڏنو آهي، هن چيو ته هي رياست مظلوم عورتن جو قيد خانو آهي، عورت کي جيئڻ جو حق ناهي، جيئري تيزاب هاري کيس ساڙيو وڃي ٿو،هن چيو ته هن رياست جي حڪمرانن، ملي، پنڊت، جاگيردار، سردار، ڀوتار سڀني جو مائينڊ سيٽ ساڳيو آهي، انهيءَ سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ عورت جي سجاڳي ضروري آهي، هن چيو ته جتي بغداد برپا ٿيندو آهي، انهيءَ هنڌ انقلاب ڦٽندو آهي، جيئن هن ڪائنات کي عورت تخليق ڪندي آهي، اهڙي طرح انقلاب کي به عورت جنم ڏيندي، هن چيو ته ايس پي ڪنڌ ڪوٽ عرفان سمون کي شرم اچڻ گهرجي جنهن هڪ مهيني تائين ڳور هاري ناري نازيا کوسو ۽ سندس معصوم نياڻي کي بازياب نه ڪرايو آهي، انهيءَ جي ابتڙ وري احتجاج ڪندڙ 25 ماڻهن جي مٿان دهشت گردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، انهيءَ موقعي تي اسٽيج تي نازيا جي پيرسن والدهه رشيده به ڳوڙها ڳاڙي نياڻي جي بازيابي جي گهر ڪري رهي هئي، ھوء چئي رهي هئي ته نازيا جو پيءُ به سپاهي هو، جنهن کي شهيد ڪيو ويو هو پر پوليس کي اها به غيرت ناهي جو اسان ڏينهن رات ڀٽڪي رهيا آهيون، انهيءَ موقعي تي جروار جي هڪ عورت رضيا دانهيندي ٻڌايو ته مونکي به شهباز لُنڊ جو ڊرائيور اغوا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي پر پوليس ڪو انصاف نٿي ڪري،پنڊال ۾ جذباتي خطاب ڪندي سينئر صحافي نعمت کهڙي چيو ته اگر نازيا کوسو کي ٽن ڏينهن اندر پوليس بازياب نه ڪرايو ته سموري سنڌ جي اندر سنڌ صحافي اتحاد پاران سخت ترين احتجاج ڪيا ويندا ۽ مان پنهنجي فيملي سميت حيدرآباد پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻندس، ڪامريڊ عاليا بخشل خطاب ڪندي چيو ته جڏهن عورت ۽ مرد ڏک سک جا ساٿي آهن ته پوءِ هن نظام جي تبديلي جي لاءِ به انهن کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي، روبينا ناز دايو انهيءَ موقعي تي عورتن جي نالي نظم تون منهنجو لباس آهين ٻڌائي سموري ماحول کي سوڳوار ڪري ڇڏيو، ڪامريڊ زرقا شر ڳالهائيندي چيو ته موجودهه جاگيرداري ۽ مدي خارج نظام جي تبديلي کانسواءِ عورت کي ڪائي به آزادي ملي نٿي سگهي سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ريحانا ڳالهائيندي چيو ته اهڙي قبائلي ۽ جاگيرداري واري علائقي ۾ عورتن جو تاريخي پروگرام ڪرڻ وڏي حوصلي وارو ڪم آهي، نصرالله ڪلادي چيو ته اسانجو سنڌي سماج پنهنجي نياڻين تي اعتماد ڪندو ته اهي ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، شاهده چانڊيو چيو ته جاگيرداري نظام جا رکوالا نٿا چاهين ته سنڌي نياڻيون تعليم حاصل ڪن، سنڌ جي هڪ وڏي يونيورسٽي ۾ نياڻين جي تعليم جو تناسب رڳو 23 سيڪڙو آهي، هن چيو ته اهڙا عورت مارچ عورتن کي نوان گس ڏيئي سگهن ٿا.هن مارچ ۾ ضلعي گهوٽڪي,سکر,ڪشمور,ڪنڌ ڪوٽ,خيرپور ميرز,نصيرآباد لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد کان وڏي انگ ۾ عورتن ۽ ساڃهه وندن شرڪت ڪئي.
