اڪبر آزاد ھيسباڻي
سنڌ ۾ ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري تي خدشا روز بہ روز زور وٺي رھيا آھن ھاڻي تہ سنڌ تي ڪيترن ئي سالن کان حاڪميت ڪندڙ حڪمران پارٽي جي سربراہ سميت چڱن بہ اعتراض واريا آھن تہ ھن قسم جي آدمشماري سان سنڌ کي وڌيڪ نقصان رسائڻ جي سازش آھي ۽ اھڙي قسم جي سازش کي برداشت ڪنھن بہ صورت ۾ نہ ڪيو ويندو ھنن جي اھڙن اعتراضن کان اڳ سنڌ جي سياسي سماجي ۽ شعور وند طبقي ڊجيٽل آدمشماري بابت پنھنجا خدشا ظاھر ڪري ڇڏيا ھئا تہ ھن طريقي سان ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي ڪراچي ۾ لکين افغانين، بنگالين، بهارين، برمين، هندوستانين سميت ٻين غيرقانوني طور رھائش پذير پرڏيهي ڌارين کي ڳڻي انهن کي تحفظ ڏنو ويندو جنھن سان سنڌ وڌيڪ ڀوڳيندي تنهن ڪري چيو ويو تہ اسين ڊجيٽل آدمشماري کي سنڌي عوام کي اقليت ۾ تبديل ڪري استحصال ڪرڻ جي سازش سمجھون ٿا. ٻيو تہ ڊجيٽل آدمشماري بابت کوڙ ساريون ٽيڪنيڪل خرابيون آھن جن کي درست ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي، سنڌ جو عوام ڪيترن ئي مصيبتن مان اڃا نڪتو ئي ناھي يعني ماڪڙ کان پوءِ ڪووڊ ۽ ان کان پوءِ طوفاني برسات ۽ ٻوڏ تہ وري اڳيون پويون ڪسرون ڪڍي ڇڏيو آھن جو ماڻھو ھزارن لکن جي تعداد ۾ پنھنجي گھرن کان بي گھر ٿيا مال مويشي مري ويو معيشت گھڻي ڀاڱي تباھ ٿي چڪي آھي اڪثر ماڻھو اڃا بہ پنھنجن ماڳن تي موجود ناھن ڪو ڪٿي تہ ڪو ڪٿي آھي. اھڙي ۾ ڪامياب ۽ ڪارائتي آدمشماري ڀلا ڪيئن ڪرائي سگھجي ٿي اعتراضن ۾ اھو بہ آھي تہ ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ ۾ شناختي يعني سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪيو ويو آھي جنھن کانپوءِ صاف شفاف آدمشماري ڏکي آھي ان شرط ختم ٿيڻ پويان وفاق توڙي صوبائي حڪومتن جي ڀلي ڪھڙي بہ سوچ ھجي يا مفاد ھجن پر سنڌ جي اڪثريت کي اھو خدشو ضرور ورايون بيٺو آھي تہ سنڌيت کي اقليت ۾ ڏيکاري وسيلن ۽ معيشت جي ڦر لٽ جي سازش پئي ٿئي! اعتراض تہ ٻيا بہ کوڙ آھن ڪيتريون ئي سياسي ڌريون تہ ڊجيٽل آدمشماري خلاف سراپا احتجاج آھن پر جڏھن سنڌ جي باشعور ماڻھن ڊجيٽل آدمشماري جي اعلان ٿيڻ وقت ئي اعتراض واريا ھئا تڏھن سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ حاڪم ڄڻ تہ خاموش نظر آيا ۽ زور ان ڳالھ تي ڏنو پئي ويو تہ ماڻھن کي ڊجيٽل آدمشماري بابت ڄاڻ فراھم ڪئي وڃي آگاھي مھم ھلائي وڃي تہ جيئن سنڌ ۾ ڪامياب گھر ۽ آدمشماري ٿي سگھي اھا ڳالھ سمجھ گھُري ٿي تہ حاڪمن ان وقت ڇا پئي چاھيو ڪھڙي سياسي راند کيڏي پئي وئي ۽ عوام جي اڪثريت ڇا پئي چاھيو. پر ھاڻي جڏھن سنڌ حڪومت پاڻ بہ اعتراض واريا آھن تڏھن منجھيل سُٽ ڪنھن حد تائين سلجھندي نظر اچي ٿو حڪمران پنھنجا مقصد ماڻڻ لاءِ ڪنھن وقت بہ يوٽرن وٺي سگھن ٿا ۽ ڪنھن کي بہ استعمال ڪري سگھن ٿا واعدا وچن ٽوڙي سگھن ٿا مطلب تہ انھن تي آئيني قانوني پاسداري پابندي ھوندي بہ نظر ناھي ايندي ڇو تہ ھر سوال جو جواب موجود ھوندو آھي! ان سموري صورتحال ۾ سنڌ جو عام ماڻھو منجھيل تہ آھي ئي پر حڪومتي غلط پاليسين، نہ ٻُڌڻ، دانھن نہ ورنائڻ، مسئلا حل نہ ڪرڻ ۽ نہ کٽندڙ آسرا ڏيڻ ڪري عوام جو اعتماد ٽٽي پيو آھي جنھن بعد عوام مان ذميواري، پنھنجائڻ ۽ برداشت وارو عنصر گھٽجندو ٿو وڃي گذريل ڏينھن آدمشماري عملي ۾ موجود ھڪ عملدار ٻڌايو پئي تہ اسان کي جيڪو سامان مليو آھي يعني ڊوائيس وغيرہ ان بابت اسان کي ڪا معلومات ڪانھي وڏيون ڏکيايون اچن ٿيون ڊوائيس جو نہ سافٽ ويئر اپڊيٽ ٿيل ھو نہ وري ان کي ھلائڻ لاءِ ڪا خاطر خواہ ٽريننگ ڏني وئي ھئي بس سامان پڪڙائي اھو چيو ويو تہ ھلو وڃو وڃي ڊيوٽي سان لڳو سو سائين ھاڻي اچي ڦاٿا آھيون! چيائين تہ سائين حڪومتي توڙي انتظامي نااھلي ۽ ڪرپشن سميت اقربا پروري واري عمل جي ڪري عوام ڪنھن بہ قسم جو تعاون چاھي اھو سندس فائدي جو ئي ڇونہ ھجي ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪونھي جنھن در تي وڃون ٿا ماڻھو اسان کي حڪومتي ڪارندا يا اين جي او جو سمجھي سوال ڪن ٿا، مطالبا ڪن ٿا پر سخت سوال ڪن ٿا، تہ اسان جا طوفاني برسات ۾ گھر ڪري پيا آھن ٻار ٻچا دربدر آھن فصل تباھ ٿي چڪا آھن ڇا اسان جي زخمن تي حڪومت وقتائتي مرھم لڳائيندي ڪو ازالو ڪيو ويندو؟ ھڪڙي سروي ڪرائي وري ٻي سروي جو آسرو ڇو پيو ڏنو وڃي سخت ٿڌ دوران معصوم ٻچن سان گذارڻ ڪيڏو ڏکيو آھي ڪو ھُنن کان پڇي، اھڙي عذاب ۾ مبتلا عوام مٿان ويتر ٽيڪسز جو بار سھپ کان وڌيڪ وڌائڻ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ڪٿان جو انصاف آھي.حڪومت عوام جي فلاح بھبود لاءِ ڪيل واعدا جيڪي ھاڻي سينوارجي چڪا آھن تن کي پاڻي ڏيندي؟ بينظير انڪم سپورٽ جا پئسا حقدارن کي عزت ۽ شان مان سان ملندا؟ ۽ ٻيا کوڙ سارا سوال جن جو جواب اسان وٽ نہ ھجڻ ڪري ھو چون ٿا اسان جي ڳڻپ ڀلي نہ ڪيو…..! عقل جا اڪابر ڀلي اھو چون تہ عوام جي اھڙي انگل جو ڀلا آدمشماري سان ڪھڙو واسطو…. پر ويچارڻ جھڙي ڳالھ آھي تہ عوام جو اھڙو رويو ڀلي حڪمرانن جي روين ڪري اھڙو بڻيو ھجي پر آھي خطرناڪ عوام جي اھڙي سوچ تحت جيڪڏھن ڪو صوبي کي نقصان پوي ٿو تہ اھو عوام نہ پر حڪومتي لاپرواھين جي خاني ۾ ئي ليکبو. غور و فڪر جي ڳالھ آھي تہ جيڪڏھن ھن اھم معاملي ۾ بہ عوام لاتعلقي ڏيکاريندو تہ يقينن اھو ھڪ وڏو نقصان ھوندو ڇو تہ سياسي توڙي معاشي دارومدار ئي گھر ۽ آدمشماري تي آھي، ڀلي کڻي عوام جو ھڪ حصو اھو سوچي اھڙو عمل ڪندو ھجي تہ ناڻو اسان تي خرچ ٿيڻ بجاءِ وڌيڪ حڪمراني عياشين جي ور چڙھي ويندو تڏھن بہ مسئلي جو حل اھو ڪونھي. سنڌ جي عوام جو وڏو حصو اھڙي صورتحال جو سبب حڪومت حڪومتي پاليسن ۽ انتظامي بدمعاشين کي سمجھي ٿو ۽ واقعي ايئن ھجي بہ کڻي تہ ڪو شڪ ڪونھي. تنھن ڪري حڪومت کي موجودہ صورتحال سان منھن ڏيڻ سميت آئندہ ايندڙ ڏکيائن ۽ مصيبتن کي منھن ڏيڻ لاءِ عوام کي ٻُڌڻ گھرجي، دانھن ورنائڻ گھرجي، سمجھڻ گھرجي، عوام جي ٽيڪس جو پئسو عياشين بجاءِ عوام تي خرچ ٿيڻ گھرجي، عوام جي زخمن تي وقتائتو ملم پٽي جو پَھو رکڻ گھرجي حڪومت ۽ عوام ۾ پيدا ٿيل خال کي ڀرڻ گھرجي ٻي صورت ۾ معاملا سلجھڻ بجاءِ الجھندي نظر پيا اچن جنھن جو نقصان وڏي عرصي تائين ازالن مٿان ازالا گھرندو رھندو.
