لاهور (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هن سوچيو نئون آرمي چيف ايندو ته تبديلي ايندي پر ڪائي تبديلي ناهي آئي ۽ پر سختيون وڌي ويون آهن. پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته اڄڪلهه خبرون هلي رهيون آهن ته مان آرمي چيف سان ڳالهائڻ چاهيان ٿو، مان واضح ڪريان ٿوته مون کي اسٽيبلشمينٽ جي ضرورت ناهي، جنهن جماعت سان مُلڪ جو عوام گڏ هجي ان کي بيساکين جي ضرورت ناهي هوندي. هن چيو ته هو رڳو مُلڪ ۾ چونڊون چاهي ٿو ۽ ان لاءِ هو ڪنهن سان به ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان. هڪ سوال جي جواب عمران خان چيو ته مون کان پڇيو ويو ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ اوهان ڳالهه ٻول ڪرڻ چاهي ته ڇا اوهان ڪندئو. مان چيو ته مان سياسي ماڻهو آهيان ۽ چورن کانسواءِ سڀني سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. ان دوران عمران خان واضح ڪيو ته هن ڪڏهن به آرمي چيف ۽ شهباز شريف کي ڳالهين جي دعوت ناهي ڏني. فوجي قيادت جي تبديلي کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ جي رويي بابت سوال تي عمران خان چيو ته ان تبديلي جو اسان تي ڪو فرق ناهي پيو، اسان تي جنرل باجوا جي دور ۾ ڪيس ٺهيا، ان کان اڳ ڪجهه سينيئر ماڻهن تي حراست دوران اهڙو وحشياڻو تشدد ناهي ٿيو، اسان سوچيو نئون آرمي چيف ايندو ته تبديلي ايندي پر ڪائي تبديلي ناهي آئي ويتر سختيون وڌي ويون آهن. هن چيو ته مخالف چاهين ٿا ته مان نااهل ٿيان يا جيل هليو وڃان ۽ هو اليڪشن کٽي وڃن، قوم حڪومتي پارٽين خلاف ٿي چُڪي آهي تنهنڪري مان 2018ع واري چونڊ کٽي، هاڻي جيڪا مهانگائي ٿي آهي انکانپوءِ تي هي جماعتون دفن ٿي چڪيون آهن. پرويز الاهي کي پارٽي صدر بڻائڻ واري سوال تي عمران خان چيو چيئرمين کانپوءِ وائس چيئرمين پارٽي قيادت سنڀاليندو آهي، پرويز الاهي اسٽيبلشمينٽ جو دٻاءُ برداشت ڪيو، هن ڏکئي وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو انڪري کيس مان ڏيڻ لاءِ پارٽي جو عهدو ڏنو. عمران خان وڌيڪ چيو ته مون مٿان ستر کان وڌيڪ ڪيس آهن ۽ سمورا ڪيس عجيب قسم جا آهن جيڪي عدالت ۾ ويندي ئي ختم ٿي ويندا. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان قلم 144 ختم ٿيندي ئي ٻيهر روڊن تي نڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته 8 مارچ جي واقعن ۾ 25 مئي جو پارٽ ٽو هو، اهي ئي آفيسر ڪالهوڪي واقعي ۾ ملوث آهن، جيڪي 25 مئي ۾ ملوث هئا، انهن جو پلان اهو آهي ته عمران خان گرفتار يا نااهل ٿئي، ميچ اسان کٽي چڪا آهيون، اسان زبردستي ميدان ۾ کيڏي رهيا آهن، اهي چونڊن کان ڀڄي رهيا آهن ۽ مون تي حملي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته قلم 144 ختم ٿي ويو آهي، اسان ٻيهر روڊن تي نڪرنداسين، جلد چونڊ مهم جلسا شروع ڪنداسين، اهي چونڊون نٿا ڪرائڻ چاهين پر 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ٿيون ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون نه رهندو.
