ڪراچي (بيورو) سنڌ ڪابينا انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڪم سان جڙيل 3 هزار 264 جاين کي اپ گريڊ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڪم سان جڙيل 3 هزار 264 جاين کي اپ گريڊ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. بي ايس 5 کان 10 جي ڪمپيوٽر آپريٽرز جي انهن جاين کي بي ايس 12 ۾ اپ گريڊ ڪيو ويو آهي. بي ايس 11 کان بي ايس 15 جي آءِ ٽي ملازمن کي بي ايس 16 ۾ اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي، ان کانسواءِ 16هين گريڊ جي ملازمن کي 17هين گريڊ ۾ اپ گريڊ ڪيو ويو آهي. 3264 ملازمن جي اپ گريڊيشن سان سنڌ جي ناڻي تي 24 ڪروڙ 37 لک رپين جو واڌو بار پئجي ويو آهي. ڪابينا جي اجلاس ٿيو جنهن ۾ گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيل خلاف آپريشن بابت آگاهي ڏني. اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ چيو ته ڪچي واري ۾ پوليس کي ملٽري گريڊ جي هٿيارن جي ضرورت آهي ۽ ملٽري گريڊ جي هٿيارن جي خريداري جي سفارش ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪئي هئي. هن چيو ته ڄاڻايل هٿيارن جي خريداري لاءِ 2.7 ارب رُپيا گهربل آهن جڏهن ته ان حوالي سان گهرو وزارت کان پڻ اين او سي ورتي ويندي. سنڌ ڪابينا پوليس لاءِ فنڊ منظور ڪري هٿيار خريدڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪابينا ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشن جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي پوليس، رينجرز ۽ فوج پڻ حصو وٺندي. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته هي هڪ گڏيل ۽ پري پلان آپريشن هوندو، جڏهن ته آپريشن آءِ جي پوليس پنهنجي منصوبابندي سان شروع ڪندو. ٻئي طرف سنڌ ڪابينا ڪورونا وائرس ايمرجنسي فنڊ بند ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ 6 رڪني باڊي ڪورونا وائرس فنڊ جو انتظام ڪري رهي هئي. هن 18 مارچ 2020 کان 21 اپريل 2021 تائين 17 اجلاس منعقد ڪيا. اجلاس ۾ ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪورونا وائرس ايمرجنسي فنڊ ۾ 3699 ملين رپيا وصول ٿيا، ان جو ڪل خرچ 32077.23 ملين رپيا هو جڏهن ته هن وقت اڪائونٽ ۾ 35 ملين رپين کان وڌيڪ رقم موجود آهي. سنڌ ڪابينا باقي رقم ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي تعمير لاءِ خرچ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ٻئي طرف سنڌ ڪابينا دادو ضلعي جي هيڊڪوارٽر اسپتال کي لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز کي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.. لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي کي 1.2 بلين جي بجيٽ سان اسپتال ڏني ويندي.. وڏي وزير جي ترجمان موجب لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي هاڻي دادو ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال هلائيندي. سنڌ ڪابينا اعجاز خانزاده ۽ محمد عارف مٺاڻي کي ڊرگ ڪورٽ جو ميمبر بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
