سکر(بيورورپورٽ) سڄي دنيا ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو . انهيءَ ڏينهن تي ’’عورتن جي حقن‘‘ جو پڌرنامو پڻ جاري ٿيو. اٺين مارچ تي مختلف تنظيمن پاران سيمينار، مذاڪرا، نمائشون، ميلا ۽ جلسا منعقد ڪيا ويا. سکر آل پاڪستان وومين ايسوسيئيشن پاران عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پروگرام منعقد ڪيو، انهيءَ موقعي تي آل پاڪستان يوٿ وومين ايسوسيئيشن اڳواڻ ڪرن عدنان، اسڪول جي پرنسپال عابده اشفاق ميمڻ ، پرائيويٽ اسڪول ايسوسيئيشن سنڌ جي جنرل سيڪريٽري روبينه قائمخاني، ليڊي پوليس آفيسر ظهره شاھ، عورت فائونڊيشن جي اڳواڻ غزالہ انجم، شوسل ايڪٽوس ناهيد اختر خطاب ڪندي انهي ڳالھ تي زور ڀريو ته عورتن کي مردن جي برابر حق ڏنا وڃن، ۽ سندن ترقي لاءِ قدم کنيا وڃن، جيئن هو به هر شعبي ۾ مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگھن ۽ هنن سان ٿيندڙ ڏاڍين کي ختم ڪرڻ لاءِ عورتن ۾ خود اعتمادي جو جذبو پيدا ٿيو آهي ۽ هاڻي اها عورت ناهي جيڪا مرد جي ڏاڍ کان ڊنل ۽ هيسيل آهي، پر هو مٿس ٿيندڙ هر ظلم خلاف آواز بلند ڪرڻ جي سگھ رکي ٿي. ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته صرف حڪومت تي ڀاڙڻ نه گھرجي پر پڙهيل عورتن ۽ اهي تنظيمون جيڪي عورتن جي ڀلائي ۽ بهبوديءَ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن، انهن کي هن سلسلي ۾ اڳتي وڌڻ گھرجي ۽ سچائيءَ سان پنهنجو فرض نباهي پوئتي پيل ۽ ڏکويل عورتن کي سندن حق ڏيارڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ گھرجن.
