ڪراچي (بيورو رپورٽ) سول سوسائٽي جي تنظيمن عورتن کي معاشري ۽ ترقي جو بنيادي ٿنڀ قرار ڏيندي زور ڏنو آهي ته صنفي تفاوت جي خاتمي لاءِ سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن وچ ۾ تعاون ۽ گڏيل ڪوششن کي وڌايو وڃي. سنڌ جي انساني حقن واري کاتي پاران عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پرويز مشرف ڪالوني ۾ هڪ غير سرڪاري تنظيم مائره فائونڊيشن جي سهڪار سان هڪ آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ حڪومت جي ڪميشن آن اسٽيٽس آف وومين جي چيئرپرسن نزهت شيرين، ڊپٽي اليڪشن ڪمشنر سيده حميرا، سنڌ جي انساني حقن واري کاتي جي سيڪشن آفيسر عبدالسلام ميمڻ، رئيس غلام رضا، ڊي ايس پي ذوالفقار عباسي، زين انصاري، محمد اڪبر ۽ ليليٰ پروين کانسواءِ علائقي جي عورتن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مائره فائونڊيشن جي جنرل سيڪريٽري ساجده عندليب پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سيمينار منعقد ڪرڻ جو مقصد معاشري ۾ هيٺئين سطح تائين عورتن ۽ انساني حقن بابت آگاهي پکيڙڻ آهي. هن چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي سماج ۾ عورتن سان اڃا به امتيازي سلوڪ اختيار ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته سمورين مشڪلاتن جي باوجود پاڪستاني عورتون هر شعبي ۾ مردن سان گڏ جدوجهد ڪري رهيون آهن ۽ ڪجهه شعبن ۾ ته مردن کان به اڳڀريون آهن. ٻين مقررن چيو ته اسلام 1400 سال اڳ عورتن کي حق ڏنو هو، انهن حقن جي مڪمل پاسداري ڪئي وڃي. اسلام عورتن کي مردن جي برابر حق ڏنو آهي، پر معاشري ۾ عورت کي گهٽ درجو ڏنو وڃي ٿو، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. مقررن عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي دنيا جي عورتن کي مبارڪباد پڻ ڏني. تقريب دوران ٻارن ٽيبلوز پيش ڪيا، جڏهن ته انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙن ۾ مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا.
