نوابشاھ(ڊ ر) عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان وومين ڊيولپمينٽ کاتي شهيد بينظيرآباد پاران هڪ تقريب اڄ گورنمينٽ گرلز فاطمه جناح هاءِ اسڪول نواب شاھ ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن عبدالعليم لاشاري مهمان خاص طور شرڪت ڪئي ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن عبدالعليم لاشاري، ايڊيشنل ڪمشنر فياض حسين راهوجو، پروفيسر ڊاڪٽر فريده وڳڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر وومين ڊيولپمينٽ نسيم حسن مستوئي، شهناز لاکو، حميرا مير ۽ ٻين چيو ته عورتن کي تعليم، ملازمت سميت مڙني شعبن ۾ برابري جي بنياد تي حق ڏيڻ سان ئي معاشرو ترقي ڪندو هنن وڌيڪ چيو ته عورتن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد سندن حقن بابت آگاهي بيدار ڪرڻ آهي ته جئين هو پنهنجا جائزحق حاصل ڪري سگهن اڳواڻن وڌيڪ چيو ته عورتن جي حقن لاءِ جوڙيل قانونن تي سختي سان عملدرآمد جي ضرورت آهي ته جئين ننڍ پڻ جي شادين جي روڪ ٿام،گهريلو تشدد سميت ٻين مسئلن کان عورتن کي بچائي سگهجي ان موقعي تي اسڪول جي شاگردياڻين پاران عورتن جي حقن بابت ٽيبلوز پيش ڪيا ويا تقريب ۾ ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر خالده عمر، پرنسپل گورنمينٽ گرلز ڪاليج لالا رخ بلوچ، ايڊووڪيٽ فوزيه سميت وومين پوليس ايس ايڇ او مريم ڀُرٽ، نذيران ساند اسڪول جي ٽيچرن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي. بعد ۾ ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن عبدالعليم لاشاري ۽ ٻين مهمانن اسڪولن ۾ قائم ميوزم ۽ لائبريري جو دورو ڪري جائزو ورتو. تقريب ۾ شريڪ مهمانن کي اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.
