فريال ٽالپور پاران ناليواري ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي قتل جي سخت مذمت

ڪراچي (بيورو): پاڪستان پيپلز پارٽي وومين ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپور حيدرآباد جي مشهور اسڪن اسپيشلسٽ ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ فريال ٽالپر مقتول ڊاڪٽر جي خاندان سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته هولي جي موقعي تي هڪ مسيحا جي زندگي کسي وئي. هي هڪ افسوسناڪ واقعو آهي. فريال ٽالپر چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪمزور طبقن جي نمائنده جماعت آهي. خاص طور تي اقليتن جو تحفظ پاڪستان پيپلز پارٽي جي منشور جي اولين نقطن ۾ شامل آهي. سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جو وحشياڻو قتل ناقابل برداشت آهي. پوليس فوري طور تي قاتل کي گرفتار ڪري ورتو آهي. متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪيو ويندو ۽ قاتل کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں