ڄامشورو( پ ر) مهراڻ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس افيئرس پاران ”روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ شاگردن کي ڇا سکڻ گهرجي“ جي عنوان سان مک آڊيٽوريم مهراڻ يونيورسٽي ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته شاگردن کي پڙهڻ، سمجهڻ ۽ سکڻ جا سمورا موقعا يونيورسٽي ۾ مهيا ڪريون، هن چيو ته مختلف ڪمپنين ۽ ادارن جي سربراهن کي اهڙن سيمينارن ۾ گهرائي انهن سان شاگردن جي ملاقات ۽ ڳولهه ٻولهه ڪرائي ٿي وڃي ته جيئن شاگرد سکي ۽ سمجهي سگهن ته روزگار ڏيندڙ ڇا ٿا چاهين ۽ انهن جون گهرجون ڪهڙيون آهن. ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته شاگردن کي سنجيدگي سان اهڙن موقعن مان فائدو وٺڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جو ڪم آهي سهولتون ۽ ماحول مهيا ڪرڻ باقي سکڻ جو ڪم شاگردن جو آهي. سيمينار کي خطاب ڪندي اينگرو انرجي جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر يوسف صديقي چيو ته آئون گذريل 27 سالن کان شڪارپور، ڪراچيءَ ۽ هالينڊ سميت دنيا جي مختلف ملڪن جي ادارن ۽ ڪمپنين ۾ اهم عهدن تي رهيو آهيان، مون اهو سکيو آهي ته نون خيالن جي اهميت آهي، غلطين کان نه ڊڄڻ گهرجي، غلطي کان ڊڄندڙ نون خيالن تي ڪم نه ڪري سگهندو آهي، غلطي کي ايمانداري سان مڃڻ گهرجي ۽ غلطي لڪائڻ نه گهرجي. هن چيو ته نوجوانن کي وقار سان روزگار ڪرڻ گهرجي. اينگرو جي سي او چيو ته انٽرويو وٺندڙ سينئر هوندا آهن، اهي انٽرويو ڏيندڙ جي ڳالهين، اٿڻ ويهڻ ۽ روين جو مشاهدو ڪندا آهن، هو اهو به ڏسندا آهن ته جنهن کان نوڪري لاءِ انٽرويو ڪيو پيو وڃي ڇا اهو ٽيم ۾ هلي سگهندو. هن چيو ته شاگردن کي سچ ڳالهائڻ گهرجي ۽ پنهنجي دل جي ڳالهه ئي ڪرڻ گهرجي، ڳالهيون اهي ئي انٽرويو ۾ ڪرڻ گهرجن جيڪي سمجهيل هجن ۽ جيڪي پنهنجون هجن. ان موقعي تي سيمينار کي مهراڻ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس افيئرس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر تنوير ڦلپوٽو پڻ خطاب ڪيو. سيمينار ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي نامياري پروفيسر ڊاڪٽر ڀواني شنڪر چوڌري، ڊين فئڪلٽي ڊاڪٽر خانجي هريجن ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
