ٽنڊو آدم تعلقه اسپتال ۾ ايم ايس پاران ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم جو آغاز ڪيو ويو

ٽنڊوآدم ( ن س ) ايم ايس تعلقه اسپتال ٽنڊوآدم ڊاڪٽر ڪلثوم عمراڻي بھار جي موسم جي آمد جي سلسلي ۾ تعلقه اسپتال ۾ وڻ جو ٻوٽو پوکي وڻڪاري مھم جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي ايم ايس ڊاڪٽر ڪلثوم عمراڻي چيو ته ماحول کي آلودگي کان بچائڻ لاء وڻن جو ھئڻ ضروري آھي وڻ اسان جي جياپي جو اھم ذريعو آھي وڻ نه صرف ڇانو مھيا ڪندا آھن پر ماحول جي آلودگي کي گھٽ ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا آھن ان کان علاوه وڻ ٻوڏ جي تباھڪارين کان بچاء جو ذريعو آھي سڌريل ملڪن ۾ وڻن جي تمام گھڻي اھميت آھي اتان جا ماڻھو وڻ پوکڻ کان پوء انھن جي مالڪي ڪن ٿا ۽ وڻ پوکڻ جا ڏينھن ملھايا وڃن ٿا جن علائقن ۾ وڻ وڍيا وڃن ٿا اتي برساتون گھٽ پون ٿيون وڻ وڍڻ جي صورت ۾ گرمي پد وڌي وڃي ٿو جھنگلي جيوت تباھ ٿي وڃن ٿا اسان جيڪڏھن وڻ نه پوکيا ته ملڪ ريگستان بڻجي ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں