ڀارت ۾ مسلمان جوڙي مندر ۾ اسلامي رسمن مطابق شادي ڪري ڇڏي

شملا ( م ڊ ) ڀارت ۾ هڪ مسلمان جوڙي مندر ۾ شادي ڪري ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڀارتي رياست هماچل پرديش جي ضلعي شملا جي علائقي رامپور جي مندر ۾ مسلمان جوڙي اسلامي رسمن تحت شادي ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٺاڪر ستيا نارائڻ مندر ۾ مولوي، شاهدن ۽ هڪ وڪيل جي موجودگي ۾ جوڙي جو نڪاح پڙهايو. ان موقعي تي هندو ۽ مسلمان برادري سانواسطو رکندڙ ماڻهن شادي ۾ شرڪت ڪندي جوڙي کي مبارڪون ڏنيون ۽ زندگي جي نئين سفر لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مسلمان جوڙي مندر ۾ شادي ڪرڻ جو فيصلو ماڻهن ۾ مذهبي هم آهنگي ۽ ڀائيچاري جو پيغام پکيڙڻ آهي. رپورٽن موجب ڪنوار سول انجينيئر ۽ گولڊ ميڊلسٽ آهي جڏهن ته گهوٽ پڻ سول انجينيئر آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں