ڄامشورو ۾ لا جي شاگردن جي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي،ڌرڻو

ڄامشورو(ڊ ر) ڄامشورو ۾ آل سنڌ لا اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن جي سڏ تي سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل لا ڪاليجز جي شاگردن طرفان امتحاني فيسن ۾ واڌ ۽ امتحان وقت سر نه وٺڻ لا ڪاليجز جي شاگردن کي هراسان ڪرڻ,هٿ ٽوڪيون سپليون لڳائڻ خلاف قانون جي شاگردن وائيس چانسلر هائوس کان احتجاجي ريلي ڪڊي انتظامي بلاڪ اي سي ٽو اڳيان ڌرڻو هنيو ويو قانون جي شاگردن سان يڪجهتي طور شاگرد جدوجهد اتحاد اڳواڻ شرڪت ڪئي ان موقعي ته احتجاج ڪندڙ آل سنڌ لا اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن اڳواڻ سردار مانجهي خان,سکيو خان لاشاري, حسنين نواب ڀنڀرو, امتياز عمراڻي,ذوالفقار عامر,سرمد گلاب, جبار بوزدار ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا يونيورسٽي سان لاڳاپيل ڪاليجز جي قانون جي شاگردن سان ماٽيلي ماءۡ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل لا ڪاليجز ۾ ريگيولر فيس 5 هزار روپين مان وڌائي 5 هزار 3 سئو 50 روپيا ڪئي وئي جڏهن ته سپليمينٽري جي فيس 5 هزار 5 سئو کان 7 هزار هڪ سئو 50 روپيا ڪئي جيڪا قانون جي شاگردن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي غريب شاگرد ايڏي فيس ڪٿان ڀري سگهندو جو اوچتو ڳاٽي ٽوڙ فيسن ۾ واڌ ڪئي وئي هنن چيو ته يونيورسٽي انتظاميا وقت سر لا ڪاليجز ۾ امتحان نٿا ورتا وڃن ھٿ ٽوڪيون سپليون لڳايون ٿيون وڃن ان لاءۡ قانون جي شاگردن جا بنيادي مسئلا حل ڪري شاگردن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ ڌرڻو جاري رهندو جڏهن ته شاگردن پاران 3 ڪلاڪ مسلسل ڌرڻو هڻي ويھڻ کان پوءِ وي سي محمد صديق ڪلهوڙو شاگردن جي پنج رڪني ڪميٽي کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائي کين مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد شاگرد پاران ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں