ڄامشورو( ڊ ر ) گڙدن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز جي شعبي بلاول ميڊيڪل ڪاليج جي يورولوجي اينڊ نيفرولاجي ڊپارٽمينٽ پاران ۾ واڪ ڪري سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ لمس جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ پنھنجي بيان ۾ چيو تھ گڙدن جي بيمارين جو سڀ کان وڏو سبب شوگر، بلڊ پريشر ۽ غير معياري خوراڪ آهي. مون کي ڊاڪٽرن پنهنجي يورولاجي جي ٽيم تي فخر آهي، جيڪي ڏينهن رات بهترين ٽيڪنالاجي استعمال ڪري مريضن جي خدمت ڪري رهيا آهن. ھن چيو تھ گڙدن جو ڪم رت جي صفائي ۽ زھريلو فاسد مادو جسم مان خارج ڪرڻ آھي، گڙدن جو ڪم رت کي صاف ڪرڻ ۽ جسم مان زهريلي مادا خارج ڪرڻ آهي، پاڪستان ۾ ھڪ سروي موجب ھر ڏھون شخص گڙدن جي بيمارين جو شڪار آھي، گڙدن جي مرض جو مکيه سبب شگر، بلڊ پريشر ۽ سور جي دوائن جو استعمال آهي، گڙدن جي مريضن کي ڊگھي عرصي تائين زندهه رهڻ لاءِ هفتي ۾ ٻه ڀيرا ڊائلاسز ڪرڻو پوندو آهي. هن چيو ته گڙدن جي مرض ۾ مبتلا ماڻهن کي ان جي نقصانن کي ڄاڻڻ گهرجي، گڙدن جي مرض ۾ مبتلا مريض جي ڪري صرف اھو اڪيلو نه پر سندس گهر جا سڀئي فرد پريشان ھوندا آھن، ان ڪري هن مرض ۾ مبتلا مريض کي گهرجي ته هو ڊاڪٽرن جي صلاح تي عمل ڪن. ان موقعي تي بلاول ميڊيڪل ڪاليج جي يورولاجي شعبي جي هيڊ پروفيسر شفيق ميمڻ چيو ته ماڻهن جي اڪثريت مٿي جي سور جي دوائن جو استعمال ڪندي آهي، جنهن سان عارضي آرام ته ملندو آهي، پر مستقبل ۾ خود دوائون مريضن جي صحت کي نقصان پهچائينديون آهن، جسم جا سڀئي عضوا ڪجهه نه ڪجهه ڪم ڪن ٿا، پر اسان انهن جي اهميت کي نٿا سمجهون ۽ پنهنجي روزاني معمول کي نظرانداز ڪريون ٿا، جيڪو اسان کي ڪنهن به عمر ۾ خاص ڪري 40 سالن کانپوءِ متاثر ڪري سگهي ٿو. جسم جا ڪي عضوا اهم ڪم سرانجام ڏين ٿا، جن ۾ گڙدا به شامل آهن.
