رياض ابڙو
سڌريل يا اڻ سڌريل ملڪن اندر عام يا خاص ماڻهن جي سڃاڻپ جو هڪ ”يونيڪ ڪوڊ“ هوندو آهي معني اهڙو ڪوڊ جيڪو سڄي دنيا ۾ ٻئي ملڪ جي ماڻهوءَ جي سڃاڻپ جو ڪوڊ يا سڃاڻپ جي نشاني نه هجي سو صرف شناختي ڪارڊ ئي آهي جنهن سان ملڪن جي باشدن جي سڃاڻپ ممڪن آهي ڇو ته شناختي ڪارڊ جو نمبر سڄي دنيا ۾ ڪنهن جو ساڳو نه ٿو ٿي سگهي پر سڃاڻپ جو نالو ساڳو ٿي سگهي ٿو پوءِ اهو مسلمانن جو نالو هجي، اهو هندن جي مذهب ۾ مروج نالو هجي، يا اهو عيسائين ۽ يهودين جي مذهب يا خطي اندر عام هجي يا ٻين مذهبن جو عام يا خاص نالو هجي سو اهو نالو ته ساڳيو ٿي سگهي ٿو پر شناختي ڪارڊ يونيڪ هجي ٿو جنهن سان ملڪن ۾ ماڻهن جي سڃاڻپ مشروط هجي، ائين ئي ملازمت وارو ڪارڊ به منفرد هجي ٿو، يا ٻيو ڪو سڃاڻپ وارو آءِ ڊي ڪارڊ، يا ڪنهن به هٿيار جو سرڪاري لائيسنس يا ڪنهن به گاڏيءَ جو سرڪاري طور جاري ڪيل ڊرائيونگ لائيسنس جو نمبر، يا ڪو به موبائيل يا ٽيليفون نمبر يا اهڙو ڪو به عدد جيڪو شماريات کاتي يا ڪنهن اداري يا ڪنهن ايجنسيءَ جي طرفان سرڪاري طور ڏنل هجي يا جاري ڪيل هجي يا جنهن ڪوڊ کي ڪا ڪميشن، ڊيٽابيس، ملڪي ايجنسي يا ڪو به سرڪاري ادارو يا غيرسرڪاري ادارو استعمال ڪري جنهن سان ان شخص جي سڃاڻپ ممڪن هجي يا ٿي سگهي مثال جيئن آڱرين جا پورَ يا قدرتي ٺهيل ليڪا يا نشان سڄي دنيا ۾ ساڳا نه ٿا ٿين، يا اکين اندر قدرتي ٺهيل ليڪا به ساڳا نه ٿا ٿين يا جيئن پروڊڪٽ جو يا موبائيلن جو ”ڪيو آر ڪوڊ“ ساڳو نه ٿو ٿئي، ائين ئي شناختي ڪارڊ به ساڳي ”يونيڪ نيس“ رکي ٿو، پوءِ شروع ۾ آدم شماريءَ جي لاءِ اهو ڪوڊ استعمال ڪيو وڃي هان ته هوند آساني ٿي پئي هان (پر هاڻي بلاول ڀٽو جي چوڻ تي وفاق اها ڳالھ مڃي آ ڊجيٽل ٺڳي نه ٿي ڪري سگهجي) ۽ ان عمل دوران ڪنهن جو ڪو به فيملي ڪوڊ، ڪو به شخص، يا ڪو به سڃاڻپ جو ڪوڊ مڪس اپ نه ٿي سگهي هان ۽ ان ڳالھ جي به پڪ ٿئي هان ته هاڻي ماڻهن جي شماري صحيح ٿي سگهي ٿي يا ٿيندي، جنهن سان انهن شهرن يا خاص ڪراچي ۽ حيدرآباد اندر رهندڙ ماڻهن جي رنگ، نسل، ذات پات، قوم، ڌندي روزگار ۽ ڪرت جي به خبر پوندي هلي هان يا انهن جي ”فيملي ٽريءَ“ مان سڀاڻي نادرا اها سڃاڻپ ڪري سگهي هان يا نشاندهي ڪري سگهي هان ته هاڻي سڀ ڪجھ صحيح شمار ٿيل آهي يا اها به حقيقت آهي ته نادرا کي اوندھ ۾ رکي ڳڻپ نه ٿي ڪري سگهجي (يا هونءَ به نادرا جهڙو ادارو شروع ۾ موئنث کي مذڪر ڪري ڇڏيندو هيو يا نادرا جا رڪارڊ اسڪولن وانگي ڪڏهن ڪڏهن غلط به ٿيندا آهن جو ٻه ڀائر ننڍ وڏائي واري چڪر ۾ ڪٿي ننڍو وڏو ته ڪٿي وڏو ننڍو به ٿي پوندو آهي، ان ڪري اهڙيون غلطيون نادرا کان به بي شمار ٿين ٿيون) پر ڳالھ اها به آهي ته جڏهن ماڻهو غلطي ٿو ڪري ته مشين به غلطي ٿي ڪري يا اها غلط شيءِ کي صحيح پروسيس نه ٿي ڪري سگهي يا صحيح کي غلط پروسيس نه ٿي ڪري، ڇو ته آدم شماري به ائين ٻڪرين جا سِرَ ڳڻي نه ٿي ڪري سگهجي، ان ڪري شاختي ڪارڊ جو استعمال بهتر ٿي سگهي ٿو ۽ اعتبار جوڳو به هوندو ان ڪري ڌُڪن تي ٿيل آدم شماري هن ملڪ جي قومن جو ٻيڙو ٻوڙيندي يا خاص اسان کي نقصان ڏئي ويندي ۽ سڀاڻي اسان جي دانهن ڪوڪ ڪير ٻڌڻ وارو نه هوندو يا سڀاڻي ڪا سياسي پارٽي به ان ڳالھ کي نه مڃيندي.
ان ڪري وري ساڳي ڳالھ ڪيون ته ملڪي ادارن ۽ ايجنسين طرفان جاري ڪيل ماڻهن جا ڪوڊ جٿي ڪٿي منفرد ٿين ٿا جنهن جهڙا ڪوڊ سڄي دنيا ۾ وري نه ٿا ٿين، يا هاڻي ٿيندڙ آدم شماري تي اکيون ٻوٽي ڀروسو نه ٿو ڪري سگهجي ان ڪري ته ڀلي مشيني پروسيس هجي پر ڳالھ اها به آهي ته اڳتي جيڪا ڊيٽا وڃي ٿي اها ڪٿي ۽ ڪير پروسيس ڪندو؟ اها ڊيٽا جي بنا شناختي ڪارڊ جي وڃي ٿي ته ماڻهن جي ”فيملي ٽري“ مان ڪيئن خبر پوندي ته فالڻو ڪهڙو، يا ٽيرو ڪهڙي علائقي جو يا مَٽِيرو ڪنهن هنڌ رهي ٿو يا روزگار بهاني آيو آ يا مستقل رهائشي آ يا جي مستقل رهائشي ناهي ته پوءِ اهڙي آدم شماري جي بنياد تي سڀاڻي تڪ بنديون ڪيئن ٿينديون، ان ڪري هن آدم شماري کي به ان صورت به ڪنڊيم ڪري سگهجي ٿو ڇو ته ان کان اڳ ڪيل آدم شماريون ٻولين جي تناظر ۾ ٿيل هيون يا صوبن اندر آباد ماڻهن يا غيرملڪي ماڻهن جي صحيح نموني نشاندهي ڪري ڪيون ويون هيون پر هاڻي افغانين ۽ بنگالين جي ڀرمار ۽ ڀيڙ جي ڪري اسان جي صوبي اندر اها بيچيني ضرور آهي ته اهي سڀ جي بنا ڪنهن سڃاڻپ جي ڳڻيا ويا ته اهي اسان وٽ ست سيڪڙو غيرسنڌي سڀاڻي 17 سيڪڙو ٿي ويندا ۽ اسان وري ويٺا آڱريون ڳڻينداسين، ان ڪري درد ان ڳالھ جو به آهي ته اهي رياستي ڌريون ان ڳالھ ۾ راضي آهن ته اسان جهڙيون قومون (سنڌي بلوچ) دٻيل رهن، اهي ٻين قومن جي تسلط هيٺ رهن، اهي ٻين قومن جي ليڊرشپ سهن ۽ برداشت ڪن، اهي قومون پنهنجا اڳواڻ پيدا نه ڪري سگهن يا اهي اڳواڻ جيڪي انهن جي ڳالھ ڪن، انهن قومن جي نمائندگي ڪن انهن کي ڪچلي ڇڏيو، انهن جي آواز کي دٻايو، ان ڪري جو انهن جو آواز ڪير ٻڌي نه سگهي يا ڪير انهن جي حقن جي ڳالھ ڪري يا ڪير انهن جي نسلن جي واڌ ويجھ جي ڳالھ ڪري ته ان کي ماري ڇڏيو يا ڦاهي چاڙهي ڇڏيو، انهن کي گم ڪري انهن جي لاشن کي چچري ڳڀا ڳڀا ڪري ڪپي وڍي انهن جي لاشن کي روڊن رستن تي اڇلائي اچو، ان ڪري جو اهي قومون جي رڳو پنهنجي جي ڳالھ ڪنديون ته معني اهي رياستي پاور کي للڪارن ٿيون، اهي رياستي پاور کي جهڪو ٿيون ڪن يا رڳو پنجاب ڳالهائي يا پنجابي سياست ڪري رڳو غيرسنڌي ۽ غيربلوچ سياست ڪري باقي ٻئي قومون ڪنهن به کاتي ۾ ناهن ان ڪري آدم شماري به انهن جي اهڙي سازش جو هڪ جزُ سمجهو.
هاڻي اها آدم شماري جيڪا گذريل آڪٽوبر ۾ ٿيڻي هئي سا وري ٽپي ٽري وڃي مارچ تائين هلي آئي آ (پر بدقسمتيءَ سان مارچ ته هن پي ٽي آءِ جي سرڪار ڏٺو ئي ڪو نه) ان ڪري اهي ڳالهيون وري رهجي ويون، ان ڪري ساڳي آدم شماري وري هاڻي رٿي وئي جنهن ۾ سرڪار ان آدم شماري ڪرڻ واري عمل کي ڊجيٽل طريقي سان ڪرڻ جو اختيار ڏنو، پر سڀ کان وڏي ڳالھ اها آهي ته ملڪ جي ستين ڊجيٽل آدم شماري جي لاءِ لڳ ڀڳ 7 ارب روپيا گهربل هيا جيڪي هن ڏيوالي ماريل سرڪار وري به ڪري ورتا (ڏيوالي جو ڊرامو ٿا ڪن ۽ ملڪ اندر امپورٽيڊ شين جون عياشيون پيون ٿين) يا اهو به آهي ته مردم شماري ۾ گهر شماري به ٿيندي، ان عمل ۾ ڪورٽ جو حڪم اهو به آهي ته اها آدم شماري هن فيبروري کان مارچ تائين ڪرائي وڃي، جيڪو هن سرڪار ممڪن ڪيو، ان ڪري ته هڪ بجيٽ جا اشوز ٻيو بجيٽ ڊيفيسٽ ۽ ٽيون ڪرنٽ اڪائونٽ جا خسارا، ان ڪري مالياتي اداري کڻي همت ڪري ان آدم شماري جي اپروول ڏئي ڇڏي ته آيا اها آدم شماري ٿيندي به يا نه، ان ڪري ته ٻيون رڪاوٽون ته پنهنجي جاءِ تي پر جيڪي آپريشنل اشوز آهن جنهن ۾ صوبن جي اندر ٽيمن جو وڃڻ يا آدم شماري ڪرڻ به هڪ ڏکيو عمل هوندو، ان ڪري رڳو اها شيءِ ناهي ته شهرن ۾ وڃي ڀتين تي هٿ رکي اهي عملا آدم شماري ڪري موٽندا پر ڳالھ سڄي ملڪ جي به آهي ته اهي سڀ آپريشن ملڪ جي مختلف حصن ۾ ڪيئن هلندا ۽ ٻيو ته سياسي عدم استحڪام ۽ بي چيني يا طالبانائيزيشن جهڙين رڪاوٽن به هن عمل جي چيلھ ڀڄي ڇڏڻي آهي ۽ ٽيون مينهن ۾ تباھ ٿيل ڪچيون آباديون.
پر هاڻي واري آدم شماري ۾ اها مصيبت ضرور آهي ته اهي سڀ افغاني، بنگالي، برمي، ڪشميري به ڳڻيا ويندا جيڪي هتان جا شهري ناهن يا انهن جي ڳڻپ به عام شهريءَ وانگي ڪئي ويندي پوءِ اها ڳالھ ڪيئن واضع ٿئي يا ٿيندي ته هاڻي شهر ۾ ڪيترا افغاني، ڪيترا بنگالي، ڪيترا برمي، ڪيترا ڪشميري يا ڪيتري ڀارتي نسل جا ماڻهو رهن ٿا ان ڪري هاڻي مٿي تي هٿ رکي ڄڻ سِرَ ڳڻيندا ۽ رياست کي جواب ڏيندا ته 7 سيڪڙو اردو آبادي هاڻي 70 سيڪڙو ٿي وئي آ، يا روئڻ ان ڳالھ جو آهي ته سڀاڻي ان آدم شماريءَ تي شهري پريشر گروھ پارٽين جا وڪيل ڪورٽن تائين جُتيون گسائيندا ته آدم شماريءَ جي بنياد تي هاڻي تڪ بنديون ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جون سيٽون مقرر ڪيون وڃن ۽ سڀاڻي جي انهن جي 20 مان 60 سيٽون ٿي ويون ته پوءِ اهي اسيمبليءَ ۾ ويهي اسان جي قسمت جا به فيصلا ڪن ته ڪري سگهن ٿا ان ڪري هردفعي وانگي هي آدم شماري به متنازعا هوندي پر رڳو سنڌين ۽ بلوچ جي ”پوانٽ آف ويو“ کان ۽ پوءِ ان مصيبت جي لاءِ اسان کي صديون کپن جو وڙهي وڙهي يا ڳالهائي ڳالهائي يا لکي لکي ٿڪجي پئون جو ڪير ٻڌي ۽ ان آدم شماريءَ جي بنياد تي اهي قومون، نوڪريون، بنيادي سهولتون، ناڻي جي ورڇ، اين ايف سي ايوراڊ، صوبائي تڪ ۽ قومي تڪ وڌائي ويندا ۽ اسان اکيون ڦاڙي ڏسندا رهجي وينداسين.
