حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) ترقي پسند ليکڪ جاويد راڄپر جي ڪتاب“سياست، فڪري اوسر ۽ نظريا” تي حيدرآباد روشن خيال فورم(حرف) پاران سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي هال ۾ ويهڪ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي شاگردن، شاگردياڻين، سياسي ڪارڪنن ۽ ساڃاهه وند ڌرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪتاب جي ليکڪ جاويد راڄپر چيو ته سماج ۾ علمي ۽ فڪري ويهڪون ٿين اهو گهٽ نظر آيو آهي، اڄ ڪتاب تي مختلف نظرين جي ماڻهن ڳالهايو آهي، اها سٺي روايت آهي. هن چيو ته هي دور ڏاڍو تيز آهي، حالتون تيزي سان تبديل ٿين ٿيون، ماڻهن کان وڏا واقعا ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ وسري وڃن ٿا، ماڻهن جا جذبا ۽ احساس ورهائجي ويا آهن. هن چيو ته مارڪسزم قومي آزادي کي رد نٿي ڪري، مارڪس ۽ اينگلس قومي آزادي جي حق ۾ هئا، قومي آزادي هر قوم جو حق آهي. هن چيو ته مارڪس جيڪڏهن هجي ها ته چين، ڪيوبا سميت ٻين هنڌن تي آيل انقلابن جي تشريح ڪري ها. هن چيو ته آزاد سماج ۾ ئي جمهوريت هوندي آهي، هتي جمهوريت کي هلڻ ئي نٿو ڏني وڃي، اسان جي سماج ۾ جمهوري ڪلچر ناهي، اختلاف راءِ کي برداشت ڪرڻ گهرجي، سياسي تنقيد جو جواب گارين سان نه ڏيڻ گهرجي، آئون آدرشي سياست جو حمايتي آهيان. نامياري ليکڪ جامي چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته هن ڪتاب جو مهاڳ مون لکيو آهي ۽ ان تي چڱي طرح پنهنجي راءِ ڏني آهي. هن چيو ته سياست جي موضوع تي جاويد راڄپر جو ڪتاب عالمانه آهي، ليکڪ معاشري کي انقلابي لاڙي ڏانهن موڙي رکي ٿو، ڪنهن يونيورسٽي جي پروفيسر جي بدران ليکڪ سياسي ڪارڪن هئڻ ڪري ڪتاب سياسي ڪارڪن واري رخ ۾ لکيو آهي، سياست جو تعلق رياست سان ڳنڍيل آهي، رياست تي حاوي قوتون ڪتاب ۾ بحث هيٺ آيل آهن، سياست وري نظرئي سان ڳنڍيل هوندي آهي، ان ڪري نظام هر مقصد وارو هوندو آهي، ان ڪري سياست طاقت ۽ نظام جي مقصد سان ڳنڍيل آهي. هن چيو ته جديديت واري دور ماڻهوءَ کي ويساهه ڏنو ۽ سياسي علم ۾ نوان لاڙا سامهون آيا، رياست کي ماڻهو ٺاهي سگهي ٿو ۽ ڊاهي به سگهي ٿو، سياست ۾ پوسٽ ماڊرن ازم کي چار سئو سالن جي سياسي جدوجهد کي ڏسڻ ڏانهن متوجهه ڪري ٿي، پوسٽ ماڊرن ازم اجتماعيت جي بدران انفراديت ڏانهن وڌي آهي، جديديت ماڻهوءَ کي پنهنجي پاڻ تي ڀاڙڻ ۽ جٽادار حل ڪڍڻ تي زور ڏئي ٿي، ماڻهو هر ڳالهه جو تڪڙو حل ڳولڻ لڳو آهي، اڳ ۾ ٽيڪنالاجي ماڻهو لاءِ هئي ۽ هاڻ ماڻهو ٽيڪنالاجي لاءِ بڻجي ويو آهي، سماج جي اڳيان فڪري طور هر وقت تنقيدي انداز وارا سوال رکڻ ضروري آهي. کاٻي ڌر جي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته جاويد راڄپر ڪتاب تي وڏي محنت ڪري بهترين ڪتاب ڏنو آهي، سياسي ڪارڪنن جي لاءِ هي ڪتاب وڏي اهميت رکي ٿو، سياسي ڪارڪن جي لاءِ سياسي علم انتهائي ضروري آهي، ليکڪ جا خيال هر موضوع ۾ شامل آهن، پر منهنجي خيال ۾ ليکڪ پاران جيڪڏهن پنهنجي خيال کي موضوعن کان ڌار ڪجي ها ته بهتر هو، ڪتاب ۾ جاويد راڄپر سياست کان علاوه نظرين کي پنهنجي نقطه نظر سان واضح ڪندو رهيو آهي، ڪتاب ۾ نون نظرين کي به جڳهه ڏني وئي آهي. هن چيو ته هڪ تحقيقدان طور ڪتاب کي ڏسڻ ڏکي ڳالهه آهي، پر هڪ سياسي ڪارڪن طور هن ڪتاب کي مڪمل پڙهي پنهنجي راءِ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ضرور ڏيندس. پورهيت مزاحمت جي اڳواڻ مسرور شاهه چيو ته جاويد راڄپر سياست تي سنڌي ۾ بهترين ڪتاب آندو آهي، هن ڪتاب ۾ اڪيڊمڪ ڄاڻ سبجيڪٽ طور اسان کي ملي ٿي ۽ پڙهندڙن کي سياسي نظرين بابت سٺي ڄاڻ ملندي، اميد آهي ته ليکڪ کي گهرجي ته هن ڪتاب جا وڌيڪ ايڊيشن آڻي، ڇو ته اڃا به ڪيتريون ئي ڳالهيون واضح ناهن ٿيل. هن چيو ته سياست رياست سان جڙيل آهي.
