حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سنڌ ميوزم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ھال ۾ لا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو تہ دنيا ۾ حڪمران تعليم، صحت، سائنس، روزگار جي وسيلن ذريعي اڳتي وڌي رھيا آھن، پر اسان وٽ ڪرپٽ ماڻھن حڪمراني کي ڦرلٽ جو ذريعو بنائي ڇڏيو آھي. خراب ۽ ڪرپٽ حڪمراني وڏو مسئلو آھي، جنھن ڪري عام ماڻھو انصاف، روزگار، تعليم، صحت ۽ بنيادي انساني حقن کان محروم آهن.اياز لطيف پليجي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ سڄي سنڌ ۾ پيادل قومي مارچ ڪري جھر جھنگ، ڳوٺ ڳوٺ، شھر شھر وڃي سنڌ جي ماڻھن کي جاڳائي پئي، اسان مسلسل وڃي ڄاڳايون پيا. سنڌ جو ماڻھو پيار ڪري پنھنجي وسيلن سان، زمينن سان، شھيدن سان ۽ جلدي سجاڳ ٿي عملي جدوجھد جي ميدان تي نڪري، ھي مسلسل سنڌ جي ماڻھن کي جاڳائي بيدار ڪرڻ واري جدوجھد آھي، عوام کي پنھنجن حقن لاءِ گھڻي پاسائي جنگ وڙھڻ جي ضرورت آھي سنڌ جو ھاري مزدور استاد، شاگرد نوجوان عورت جيستائين پنھنجن حقن لاءِ اٿي کڙو نہ ٿيندو تيستائين ڪرپٽ مافيا حڪمرانن مان نجات نہ ملندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ گيس ڪوئلو، تيل سميت معدني وسيلن سان مالا مال سنڌ شديد تڪليف ۽ سورن ۾ آهي سنڌي ماڻهن بيوس ۽ لاچار بڻيل آهن شاھوڪار ڌرتي جي ڌڻين جو ڪو والي وارث نہ آهي، پيپلزپارٽي پندرهن سالن کان ڪارڪردگي ناڪام ۽ ڪرپٽ رھي آھي پيپلزپارٽي مسلسل سنڌ جي اقتدار ۾ رھندي پئي اچي سنڌي ماڻهن کي مسئلن ۽ مصيبتن کان سواءِ ڪجھ نہ ڏنو آهي، مسڪين ماروئڙن جي ووٽ تي حڪمران بڻجي ويل نااھل، جاهل،ڪرپٽ ۽ ظالم حڪمران ڪرپشن ڪرڻڻ ۾ پورا آهن.
