سامارو(ن س )پوليس جي زيادتين ظلم ڏاڍ منشيات فروشن کي ڳرين منٿلين عيوض ڇوٽ ڏئي بيگناه ماڻھن تي منشيات جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف خاصخيلي برداري ۽واپارين مزدورن جو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو خبر موجب خاصخيلي اتحاد جي ڊويزنل اڳواڻ ۽ محرم خاصخيلي سندس سئوٽ مال جي واپاري جسقم اڳواڻ سارنگ خاصخيلي جي ننڍي ڀاء محمد جمن خاصخيلي کي سامارو پوليس پاران 5ڏينھن اڳ مٺي ۾ شادي جي دعوت تان واپسي موٽندي نئون ڪوٽ مان گرفتار ڪري مٿن چرس رکڻ جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سامارو ۾ وڏي تعداد ۾ خاصخيلي برادري ۽ چوپائي مال جي واپارين مزدورن سامارو پريس ڪلب آڏو ٻئي ڏينھن تي به احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي مين روڊ ڪوٽ غلام محمد ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو ھنيو ان موقعي تي محمد جعفر خاصخيلي گل محمد خاصخيلي شوڪت خاصخيلي,سارنگ خاصخيلي ڪريم بخش خاصخيلي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته سامارو پوليس ٽي ڏينهن اڳ مٺي ۾ شادي جي دعوت۽ بارات مان واپسي سامارو موٽندي سامارو پوليس نئوڪوٽ مان هڪ هوٽل تان خاصخيلي اتحاد ڊويزنل اڳواڻ محرم علي خاصخيلي چوپائي مال جي واپاري جسقم اڳواڻ سارنگ خاصخيلي جي ننڍي ڀاء محمد جمن خاصخيلي کي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري وارثن کان سندن آذادي جي لاء 2 لک روپيا رشوت طلب ڪئي وئي ھئي ڳري رشوت نه ڏيڻ تي سامارو پوليس مڇرجي سامارو ٿاڻي تي سرڪاري مدعيتن ۾ محرم خاصخيلي مٿان 1025 گرام چرس رکڻ جو ۽ جمن خاصخيلي مٿان 560گرام چرس رکڻ جا 2ڌار ڌار ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آھن جيڪو پوليس گردي ۽ وڏو ظلم ۽ نا انصافي ڪئي وئي آھي ھنن ھنن چيو ته سامارو پوليس سامارو تعلقي کي منشيات جو ڳڙھ بنائي منشيات فروشن کان مھانا ڳريون منٿليون وصول ڪري ھٿ وٺي نوجوان نسلن کي تباه برباد ڪري وري بيگناه ماڻھن تي منشيات جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري غريب مسڪين ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ھنن اعلي عدالتن۽ پوليس جي اعلي عملدارن کان سامارو پوليس جي زيادتين ظلم ڏاڍ ڪري بيگناه ماڻھن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جو نوٽيس وٺي پوليس گردي ڪندڙن سامارو جي اهلڪارن ۽ عملدارن خلاف قانوني قدم کڻي محرم ۽ جمن خاصخيلي مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کين اذاد ڪري تحفظ ڏئي ۽انصاف ڪيو وڃي
