ڪراچي (بيورو) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ بي آر ريڊ لائين منصوبي جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڪجهه منصوبن تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي ۽ ڪجهه تي ڪم جلد شروع ٿيڻ وارو آهي. بي آر ٽي ريڊ لائن اهم پراجيڪٽ آهي جيڪو پاڪستان جو پهريون بايو گيس پروجيڪٽ هوندو سنڌ حڪومت ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان ان جو پورو ڪوريڊور ٺاهي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت موجوده اقتصادي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنهنجا خرچ گهٽ ڪيا آهن ۽ ترقياتي منصوبن لاءِ فنڊن ۾ ڪٽوتي ڪئي آهي پر پبلڪ ٽرانسپورٽ جي منصوبن ۾ ڪا به ڪٽوتي نه ڪئي آهي. صوبي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جا منصوبا ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جن ڀاڙن تي بسون هلي رھيون آھن انهن ڀاڙن تي ھاڻي بسون هلائڻ مشڪل ٿي ويو آهي ڀاڙن تي نظر ثاني ڪئي پئي وڃي، جلد ان ۾ مرحليوار واڌ ڪئي ويندي، بايو گيس تي هلندڙ بسن جو ڀاڙو اڳين بسن کان وڌيڪ هوندو، هن چيو ته پيپلز بس،پنڪ بس، اليڪٽرڪ بس جي ڀاڙن ۾ تي نظرثاني ڪئي پئي وڃي ۽ ڀاڙن ۾ مرحليوار واڌ ڪئي ويندي.
