سيوهڻ ۾ لال شهباز جو 771 هون عرس مبارڪ شروع، گورنر سنڌ افتتاح ڪيو

سيوهڻ شريف (ن س) ننڍي کنڊ جي عظيم صوفي بزرگ حضرت سيد عثمان مروندي المعروف لال شهباز قلندر رحه جي 771 هين ٽن ڏينهن واري عرس مبارڪ جو افتتاح گورنر سنڌ محمد کامران خان ٽيسوري مزار تي چادر چاڙھي ڪيو بعد ۾ددگہ ۾يتيمن غريبن ۾ ڪپڙا تقسيم ڪيا ان موقعي تي ساڻس سان گڏ سيڪريٽري اوقاف منور ميھسر ڊي آئي جي حيدرآباد سيدپير محمد شاھ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ ايس ايس پي جام شوفو عمران قريشي ڊي سي جام شورو فريدالدين مصطفي پڻ موجود ھئا ميلي جي حوالي سان ضلعي انتظاميا ڄامشورو پاران انتظام مڪمل 11 ، 12 ۽ 13 مارچ 2023 تائين جاري رهندڙ ٽن ڏينهن واري عرس مبارڪ دوران پانڌيئڙن جي حفاظت لاءِ 4 هزار کان وڌيڪ سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ، رينجرز ، انٽليجنس نيٽ ورڪ هائي الرٽ ، پانڌيئڙن کي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ منرل واٽر بوتلن ورجايون ويون عرس مبارڪ جي حوالي سان ضلعي ڄامشورو ۾ 13 مارچ سومر ڏينهن عام موڪل جو اعلان _ اطلاعات کاتي پاران عرس مبارڪ جي تقريبن جي ڪوريج لاءِ سيوهڻ ۾ ميڊيا سيل قائم ، مختلف واهن ۽ نهرن ۾ وهنجهڻ سان گڏوگڏ انڊس هائي وي تي بغير پرمٽ وڏين گاڏين جي داخلا تي پابندي ، حيسڪو کي عرس مبارڪ دوران لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي هدايت ، تفصيل موجب چيئرمين شهباز ميلا ڪميٽي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪيپٽن رٽائرڊ فريد الدين مصطفيٰ چيو آهي ته حضرت لال شهبازقلندر رح جي سالياني 771هين عرس مبارڪ 18کان 20شعبان المعظم بمطابق 11، 12 ۽ 13 مارچ 2023 تي سيوهڻ شريف ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ لاءِ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي جنهن تحت موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي پانڌيئرن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ مناسب انتظام ڪيا ويا آهن _ هن چيو ته ميلي دوران مختلف هنڌن تي ٿڌي پاڻي جي سبيلن کان علاوه ڪنهن به امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ايمرجنسي رسپانس سينٽرز قائم ڪيا ويا آهن مختلف هنڌن تي طبي امدادي ڪيمپون قائم ڪرڻ سميت گهربل دوائن سان موبائيل ميڊيڪل ڪيمپس پڻ تيار ڪيون ويون آهن جيڪي مختلف هنڌن تي پانڌيئڙن کي طبي سهولتون فراهم ڪنديون ۽ان ڏس۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي کي برداشت نه ڪيو ويندو هن چيو ته عرس مبارڪ جي حوالي سان سمورا انتطام مڪمل ڪري سيڪيورٽي لاءِ مختلف هنڌن تي ڳجهيون ڪيمرائون نصب ڪيون ويون آهن ، درگاهه ۽ عوامي ميڙ وارن هنڌن تي واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا آهن جڏهن ته مرد پوليس اهلڪارن سان گڏوگڏ ليڊيز پوليس پڻ عرس مبارڪ دوران پنهنجا فرض ادا ڪندي هن چيو ته درگاهه ويجهو مرڪزي سي سي ٽي وي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي _ ان کان علاوه ڊورن ڪيمرائن ذريعي سيڪيورٽي جي ذريعي صورتحال جي نگراني ڪئي ويندي _ان کان علاوه ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ويجهن ضلعن مان ايمبولينسز ۽ فائربرگيڊجون گاڏيون گهرايون ويون آهن

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں