ظل شاهه جي موت جي هاءِ ڪورٽ جي جج کان جاچ ڪرائي وڃي: فواد چوڌري

لاهور (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف لاهور ۾ فوت ٿي ويل پارٽي ڪارڪن علي بلال عرف ظِل شاهه جي قتل لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج کان جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. فواد چوڌري پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي ۽ آءِ جي پنجاب عثمان انور جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي چيو ته ظل شاهه جي موت حادثي جو نتيجو هئي ته عمران خان، حماد اظهر ۽ مون سميت پي ٽي آءِ قيادت تي ڪوڙو ڪيس ڇو داخل ڪرايو. هر اڳواڻ تي 60-60 ڪيسز آهن اسان ڪيئن سياست ڪنداسين. فواد چوڌري چيو ته اسان کي هڪ ڏينهن اڳ ريلي ڪڍڻ جي اجازت ڏني وئي، ريلي جي ڏينهن اوچتو قلم 144 لاڳو ڪئي وئي. هزارن جي انگ ۾ پوليس اهلڪار آڻي وحشياڻو تشدد جو نشانو بڻايو ويو. اسان جي ڪارڪنن کي مختلف گاڏين ۾ وجهندا رهيا، اهو سڀ ڪجهه وڏي وزير جي آفيس مان مانيٽر ٿي رهيو هو. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ظل شاهه جي موت تي جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جي اپيل ڪنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں