عمران خان ملڪ ۾ عدم استحڪام جي باهه ڀڙڪائڻ چاهي ٿو: شهباز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان پنهنجي ئي آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته روڊن تي ڏڦيڙ ۽ فتنو ان ئي ايجندا جو حصو آهي، ڊڄڻو شخص عدالت کي تلاشي نٿو ڏئي، ڇو ته هو ڏوهي آهي. هن چيو عمران خان چاهي ٿو ته ملڪ ۾ عدم استحڪام جي باهه ڀڙڪي، هو نٿو چاهي ته غريب کي مهانگائي، معاشي دٻاءَ مان ڇوٽڪارو ملي، عمران خان نٿو چاهي ته پاڪستان لاءِ وسيلن جا دڳ کلن. سندس چوڻ هو ته عمران خان جو عدالتن مان ڀڄڻ بزدلي جي انتها آهي، اڳ ۾ آءِ ايم ايف پروگرام کان ڀَڳو، هاڻ عدالتن کان ڀڄي رهيو آهي، عمران خان پنهنجي واعدن ۽ نظرين کي ڀَڳو. وزيراعظم چيو ته نواز شريف ۽ ن ليگ قيادت کي نيب نيازي ڳٺ جوڙ بدترين انتقام جو نشانو بڻايو، ن ليگ اڳواڻ موت جي سزائن جي چڪين ۾ رهيا، هيروئن جهڙن ڪوڙن ڪيسن کي منهن ڏنو. عمران خان ملڪ ۾ عدم استحڪام جي باهه ڀڙڪائڻ چاهي ٿو، هو نٿو چاهي ته غريبن کي مهانگائي، معاشي دٻاءَ مان رليف ملي، عمران خان نٿو چاهي ته پاڪستان لاءِ وسيلن جي کوٽ ختم ٿئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں