لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو سنڌ جي سڏ تي پي پي پي شهيد ڀٽو سٽي ۽ ضلعي طرفان هٿرادو مهانگائي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ جھنڊا کڻي نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ضلعي صدر لياقت علي عمراڻي، مھراب علي ڀٽو، ذوالفقار علي جوکيو، شاهنواز ٿهيم ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، روزمرہ جي استعمال واري شين 40 سيڪڙو ۾ اضافو ٿي ويو آهي، جنهن جي ڪري غريب مزدور، هارين جا ٻچا بکو ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، موجودہ حڪومت سبسڊي ڏيڻ بدران سبسڊي ختم ڪندي پئي وڃي. هنن چيو ته يوٽليٽي اسٽورن تي پڻ کاڌي جون شيون مهانگيون ڏنيون پيون وڃن، جڏهن ته قيمتون ڪنٽرول ڪرڻ واري اٿارٽي پڻ غائب آهي، جنهن سبب واپاري مافيا روز جي بنياد تي قيمتون وڌائي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته هٿرادو مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري غريب عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.
