مسلم ليگ (ن) عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جو ٻيو نالو آهي: مريم نواز

فيصل آباد (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته بدقسمتي سان ملڪ ۾ سوشل ميڊيا ڪچري جي ڊٻي ۽ گٽر واري سوچ جو ذريعو بڻايو ويو آهي. پاڪستان مسلم ليگ(ن) فيصل آباد ڊويزن جي تنظيمي اجلاس منعقد ڪرڻ تي ڪارڪنن سان ڳالهيون ڪندي مريم نواز چيو ته ترازو جا ٻئي پاسا برابر نه هجن ته صرف سليڪشن ٿيندي آهي. اسان جي حڪومت ئي مهانگائي ۾ گهٽتائي آڻي سگهي ٿي. هن چيو ته مسلم ليگ(ن) ترقي ۽ عوام جي خوشحالي جو ٻيو نالو آهي. بدقسمتي سان ملڪ ۾ سوشل ميڊيا کي گٽر جي سوچ جو ذريعو بنايو ويو آهي ڪارڪن ۽ رضاڪار اهو گند صاف ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. مريم نواز چيو ته مسلم ليگ(ن) سوشل ميڊيا ونگ کي مسلم ڪلچر جي سڃاڻپ بڻجندي معاشري ۾ نفرتن جي باهه کي ختم ڪرڻو پوندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں