نوشهروفيروز( ڊ ر) نوشهروفيروزبلاول ڪالوني ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ڀائرن جو ڀينرن مٿان تشدد لوهي سريا هڻي ڀيڻ جي ٻانهن ڀڃي ڇڏي پوليس ڪيس نه ورتو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڀائرن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو. خبر موجب نوشهروفيروز جي بلاول ڪالوني جي رهواسين نسيم اختر امام زادي پنهنجي ڀاءُ فاروق احمد سهتو سان گڏجي پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ داهيندي چيو آهي ته اسان جا ڀائر منظوراحمد نظيراحمد نثاراحمد فاروق احمد مقصود احمد سهتو ملڪيت جي لالچ ۾ اچي اسان ڀينرن مٿان روز تشدد ڪن ٿا گزريل ڏينهن پڻ اسان جي ڀائرن نثار ۽ مقصود احمد سهتو اسان جي ننڍي ڀيڻ سمرين اختر کي لوهي سريا هڻي کيس رتو رت ڪري ٻانهن ڀڃي ڇڏي آهي جنهن کي اسان ڀائرن جي ظلم کان بچائڻ جي لاءِ ڇڏائڻ جي لاءِ اڳتي وڌيون آهيون ته هنن اسان جي مٿان به تشدد ڪيو آهي اسان اهڙي دانهن نوشهروفيروز ٿاڻي جي ايس ايڇ او حنيف مهر وٽ کڻي ويون آهيون ته اهو اسان جو ڪيس وٺن جي لاءِ تيار ناهي ۽ چوي ٿو اوهان جا پنهنجا ذاتي مسئلا آهن پوليس ڪجهه ڪان ڪندي جنهن جي جواب ملڻ کان پوءِ مجبور ٿي پريس ڪلب نوشهروفييروز اڳيان احتجاج ڪري رهيون آهيون اصل ۾ ڀائر اسان کي پنهنجي پيءُ غبدالغفار سهتو پاران خريد ڪيل جڳهه مان اٿارڻ چاهن ٿا هنن روئيندي چيو ته ڇا ڌيئر پنهنجي پيءُ جي ملڪيت مان حصو ڪون ٿيون لهڻ جڏهن ته اسان جي وڏي ڀيڻ نسيم کي پنهنجي ڀاءُ جي عيوضي ۾ پيءُ ڏنو هو جنهن کي سندس مڙس طلاق ڏئي ڇڏي آهي ۽ ٻئي ڀيڻ سمرين هن وقت تائين اڃان شادي ناهي ڪئي جيڪڏهن گهر مان ٺاهر نڪرنديون ته هو ڪنهن جي در تي وڃي رهنديون جڏهن ته اسان جا ڀائر سڀ نوڪرين ۽ ڪاروبار سان لڳل آهن ان جي باوجود به ڀينرن کي گهران ڪڍڻ واري ضد تي قائم آهن هنن روئيندي چيو ته ڇا ڀائر اهڙا هوندا آهن جيڪي روز ڀينرن مٿان تشدد ڪندا هجن اسان مجبور ٿي ڀائرن جي خلاف احتجاج ڪري رهيون آهيون اسان جي دانهن ٻڌي وڃي ۽ ڀائرن جي روز روز واري ظلم کان بچايو وڃي
