پي ٽي آءِ ڪارڪن علي بلال پوليس تشدد ۾ نه مئو، سندس موت روڊ حادثي سبب ٿيو: وڏو وزير پنجاب

لاهور (بيورو) پنجاب حڪومت تحريڪ انصاف ڪارڪن علي بلال جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيو کي جعلي قرار ڏيندي چيو آهي ته ان جو موت گاڏي جي ٽڪر سان ٿيو. پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي ۽ آءِ جي پنجاب عثمان انور پي ٽي آءِ ڪارڪن علي بلال عرف ظل شاهه جي موت جي حوالي سان لاهور ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي انڪشاف ڪيا ويا. محسن نقوي چيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪن علي بلال جو موت پوليس تشدد سا نه پر گاڏي جي ٽڪر سان ٿيو، جنهن گاڏي ۾ سندس لاش اسپتال آندو ويو، ان جو مالڪ پي ٽي آءِ سينٽرل پنجاب جو ميمبر راجا شڪيل آهي، ان ئي ياسمين راشد کي ڄاڻ ڏني ته گاڏي جو همراهه کي ٽڪر لڳو، ياسمين راشد راجا شڪيل کي چيو ته توهان مون سان گڏ زمان پارڪ هلو، ڊرائيور کي گاڏي ۾ ڇڏي راجا شڪيل ياسمين راشد سان زمان پارڪ ويو، جتي اها سازش ڪئي وئي. هن چيو ته مون تي قتل جو الزام هنيو ويو، ڪنهن تي قتل جو الزام لڳائڻ ايترو آسان آهي؟ اهي ماڻهو هر هڪ کي گمراهه ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته 30 اپريل تي چونڊون آهن، ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، عمران خان ڪجهه خيال ڪري، مان ان عهدي تي نه هجان ها ته توهان کي ڪنهن ٻئي طريقي سان جواب ڏيان ها. ان موقعي تي آءِ جي پنجاب چيو ته شهري لياقت علي پنهنجي پٽ علي بلال جي موت جي جاچ جي اپيل ڪئي، فيصلو ڪيو ويو آهي ته پوليس تشدد جون شاهديون مليون ته مڪمل ڪارروائي ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں