ڪراچي(بيورورپورٽ ) پيپلز پارٽي غريب عوام جي پارٽي آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم هوندو. اهڙو اظهار آل سنڌ پيپلز پيراميڊيڪل اسٽاف ڪراچي ڊويزن جي صدر نياز احمد خاصخيلي سول اسپتال ۾ ڪراچي ڊويزن پاران سڏايل اهم اجلاس ۾ ڪيو. سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي کي بدنام ڪرڻ لاء مخالف ڌريون ۽ ڪجھ تنظيمون اجايو واويلا ڪري پارٽي کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن پر ان حوالي سان جلد پيپلز پارٽي جي قيادت کي آگاھ ڪيو ويندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو. سعيد غني ۽ ٻين کي اپيل ڪيون ٿا ته پيپلز پارٽي کي بدنام ڪندڙ عناصرن کي پارٽي مان نيڪالي ڏني وڃي. سندس چوڻ هو اسان هميشه پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هر حڪم کي لبيڪ چئون ٿا. اسان جو مرڻ جيئڻ پيپلز پارٽي سان آهي. اسان ڪنهن جي به بليڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين. نياز احمد خاصخيلي 17 مارچ تي ڪراچي ۾ هڪ اهم اجلاس ڪوٺايو ويو آهي جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا. اجلاس ۾ آصف خان بلوچ خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه غريب عوام جي خدمت ڪئي آهي. مخالف ڌريون اجايو واويلا ڪري بليڪ ميل ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته نياز احمد خاصخيلي پيرا ميڊيڪل عملي جا جائز مسئلا اولين ترجيح تي حل ڪري رهيو آهي. نياز احمد خاصخيلي جي ڪاميابي ڏسي مخالف تنظيمون وائڙائپ جو شڪار ٿي ويا آهن. اجلاس ۾ آل سنڌ پيپلز پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڪراچي ڊويزن پاران سول اسپتال يونٽ لاء عباس مهر کي صدر ۽ آصف مستوئي کي نائب صدر مقرر ڪيو ويو. اهم اجلاس ۾ غلام علي ميراڻي. ناصر خان. رمضان قادري طارق منگي. آصف باس . اقبال چنا پير صالح شاھ. آفتاب قمبراڻي. احسان ڪلهوڙو رفيق بلوچ. ضياء ارباب. سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن شرڪت
