شڪارپور(ن س) گورنر سنڌ محمد ڪامران خان ٽسوري شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور جي پھرين ڪانووڪيشن ۾ شرڪت ڪئي ء 176 گريجوئٽس ۾ ڊگريون تقسيم ڪيون. ان موقعي تي خطاب ڪندي گورنر سنڌ محمد ڪامران ٽسوري چيو ته شيخ اياز يونيورسٽي جي گريجوئٽس ۾ ڊگريون تقسيم ڪرڻ اعزاز جي ڳالھ آھي. ڊگري حاصل ڪندڙ نوجوان پنھنجي ملڪ ء معاشري جي خدمت ڪن. گورنر سنڌ چيو ته پنجھتر سالن کان ملڪ جي طرف جو تعين ڪري رھيا آھيون پر منزل اڃا به پري آھي. ڪامران ٽسوري چيو ته ملڪ ۾ بيروزگاري ء مھانگائي عروج تي آھي ان لاء محنت ڪيو ء ملڪ کي پيرن تي بيھاريو. ڊجيٽل آدمشماري بابت پڇيل سوال جو جواب ڏيندي گورنر سنڌ چيو ته ڊجيٽل آدمشماري تي خدشه آھن، شناختي ڪارڊ جو نمبر اندراج نه پيو ڪيو وڃي جنھنڪري داخله سمجھ کان ٻاھر آھي ء آدمشماري لاء ھڪ مھينو ناڪافي آھي . ھن چيو ته شھرن ۾ امن امان خراب ھئڻ جو سبب پناھگير آھن. سنڌ جي ڪچي ۾ سيڪيورٽي فورسز جلد آپريشن ڪنديون. ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر شيخ اياز يونيورسٽي ڊاڪٽر رضا ڀٽي چيو ته يونيورسٽيون انڊسٽريز جون مائرون آھن ھن يونيورسٽي مان پاس ٿيندڙ ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندا. ھائر ايجوڪيشن ڪميشن چيرمين مختار احمد چيو ته کيس خوشي آھي ته اڄ ھن يونيورسٽي مان ھڪ سئو ڇاھتر شاگرد ڊگري وٺي رھيا آھن. تقريب ۾ گمس سربراھ رحيم بخش ڀٽي، وي سي بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي ء اروڙ يونيورسٽي ، رجسٽرار ثاقب وھاب مھر ء ٻين شرڪت ڪئي.
