نوابشاھ(ڊ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڊسٽرڪٽ بار نوابشاهه ۾ وڪيلن سان خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي آئين مطابق آدم شماري ھر ڏھ سال کان پوءِ ڪرڻي آھي ته پوءِ اھڙي ڪھڙي جلدي آھي جڏھن ته 2017 ۾ آدم شماري ٿي ھئي ته 5 سالن کان پوء ڇو ڪرائي پئي وڃي ھن چيو سنڌ ۾ ڪافي اھڙا علائقا آھن برساتن سبب تباھ ٿيل آھن ۽ ماڻھو لڏ پلاڻ ڪري ھليا ويا آھن ته انھن جي آدم شماري ڪيئن ڪئي ويندي جڏھن ته پاڪستان جو نيٽ سسٽم ايڏو ته ڪمزور آھي ته ڊوائيسز ڪئين ڪم ڪنديون جن تي ھو آدم شماري ڪري رھيا آھن هن چيو ته ھي جيڪا ڊجيٽل آدم شماري ڪئي پئي وڃي اھا اسان کي منظور ناھي ۽ سنڌ حڪومت نا اھل آھي جڏھن ته بلاول ڀٽو زرداري ٻاھرين ملڪن مان پنڻ ويو ھو هُن اتي چيو ھو تہ اسان جا ڏيڍ ڪروڙ ماڻھون متاثر ٿيا آهن ۽ 45 لک گھر ڪري پيا آھن ته انھن جي آدم شماري ڪئي ڪرائي ويندي ھي سنڌي قوم سان ظلم آھي ان لاء مان سنڌ جي ھر لکيل پڙھيل وڪيل دانشور صحافي وٽ ھلي آيو آھيان ته ھن ڪوڙي ڊيجٽل آدم شماري خلاف آواز اٿاريو ته جئين سنڌي قوم کي پنھنجو حق ملي سگھي.
