حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) سنڌ دشمن ڊجيٽل آدمشماري، مھانگائي، پاڻي ۽ قدرتي وسيلن تي ڌاڙي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي 9 ڏينھن حيدرآباد ۾ سيڊا آفيس پٺاڻ ڪالوني کان سوين سنڌياڻين سان ھزارين ماڻھن پيادل قومي مارچ ڪري سٽي گيٽ، تلڪ چاڙھي، ڪوھنور چوڪ، حيدر چوڪ ۽ گول بلڊنگ کان ٿي حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان جلسو ڪيو ويو. جنھن جي اڳواڻي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، ڊاڪٽر گلزار جماڻي، الطاف خاصخيلي، سنڌياڻي تحريڪ جي زينت سمون، نصرت خاصخيلي، رضيا ممتاز، ھميرا اختر، خادم سمون، غلام نبي سومرو، رفيق ڪنراڻي، رفيق احمداڻي، بابو ميمڻ، نذير بليدي، معشوق چانڊيو، صدام کوسو، وھاب ڪنراڻي ۽ ٻين ڪئي. مارچ تي سٽي گيٽ، تلڪ چاڙھي ۽ ٻين ھنڌن تي گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊاڪٽر عزيز ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته ڊجيٽل آدم شماري جي نالي م سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن سازش ڪئي وئي آھي. ھي ڊجيٽل آدمشماري غير آئيني ۽ غير قانوني آھي، جنھن جو مقصد ايم ڪيو ايم جون سيٽون وڌائڻ ۽ سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آھي. سنڌ دشمن ڊجيٽل آدمشماري سنڌ تي وڏو حملو آھي. ڊاڪٽر گلزار جماڻي چيو ته سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪري لکين افغانين، بنگالين، برمين، بھارين کي مستقل آباد ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي غير قانوني پرڏيھين کي بنا سڃاڻپ ڪارڊ جي ڳڻي ڪوڙن انگن اکرن ذريعي اڪثريت ظاھر ڪئي ويندي. الطاف خاصخيلي چيو تہ آدمشماري ۾ جھوپڙين، ڪکاون گھرن کي نه پيو ڳڻيو وڃي. اڳواڻن چيو تہ سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي پر ڌرتي ڌڻي غربت سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. چور ۽ ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪري ملڪ آئي ايم ايف وٽ گروي آھي. ان ڪري روزانو مھانگائي ٿي رھي آھي. سنڌياڻي تحريڪ جي زينت سمون چيو تہ ھاري، مزدور ۽ غريب ماڻھو سخت پريشان آھن. سنڌ بدامني جي باھ ۾ ٻري رھي آھي. وقت کان اڳ آدمشماري سنڌ جي وجود تي حملو آھي. ايم ڪيو ايم چاھي ٿي تہ ڪوڙي آدمشماري ۾ سيٽون وڌائي سنڌ ٽوڙڻ جا اعلان ڪيون. سنڌ دشمن ڊجيٽل آدمشماري جي نالي ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاء آدمشماري عملي جي ڪا بہ مانيٽرنگ نہ ڪئي ويندي. ويب پورٽل تي جيڪو جيترو انگ درج ڪندو، ان کي جيئن جو تيئن قبول ڪيو پيو وڃي. نصرت خاصخيلي چيو تہ ٻوڏ سبب 2 ڪروڙ 30 لک ماڻھو بي گھر ۽ دربدر آھن، 30 لک کان وڌيڪ گھرن جو نالو نشان ناھي رھيو. رڳو ڪراچي ۾ 40 لک کان وڌيڪ افغاني ۽ ٻيا غير قانوني پرڏيھي رھن ٿا، اھي سڀ ڌاريا ڳڻپ ۾ آڻي مستقل شھري ڪيا ويندا. پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم حڪومت صرف ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ لاءِ وقت کان اڳ ۾ غير آئيني ۽ غير قانوني سنڌ دشمن سازش تحت ڊجيٽل ڪوڙي آدم شماري ڪرائي رھيا آھن. سنڌ جو عوام انھي سازشي عمل کي مڪمل رد ڪري ٿو. رفيق ڪنراڻي چيو ته پيپلز پارٽي جي ڪرپٽ حڪمراني سبب سنڌ ھن وقت نازڪ ترين دور مان گذري رھي آھي. ھڪ طرف مھانگائي عوام کي بک وگھي ماري رھي آھي تہ ٻئي طرف سنڌ جا وسيلا تين وال ڪري سنڌ کي ڪنگال ڪيو پيو وڃي. سنڌو درياء ۾ رڪاوٽون وجھي درياء جي رستا روڪ ڪئي پئي وڃي. سنڌو درياءَ جو رخ موڙڻ سنڌين جي معاشي وجود کي ميسارڻ برابر آهي جنهن جي خلاف اسان جي حق پرست جدوجهد جاري رهندي. پهريان سنڌ مان غير قانوني ترسيل سمورن پرڏيهين کي نيڪالي ڏني وڃي يا انهن کي ڳڻپ ۾ شمار نہ ڪيو وڃي جيڪڏهن ان حساس معاملي تي سنڌين جي احتجاجن ڏانهن ڌيان نہ ڌريو ويو تہ ان جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا. اڳواڻن چيو تہ ڪرپٽ ۽ اقتدار جي بکين حڪمرانن جي غلط پاليسين جي ڪري ماني، مڇي وارا سنڌي هاڻي بدحال ٿي ويا آھن. اڳواڻن چيو تہ سنڌي عوام کي قومي ٻڌي ذريعي سنڌ جي وجود تي ٿيل هر وار کي روڪڻو پوندو. پيپلز پارٽي ڪوڙي آدمشماري شروع ڪرائي سنڌي ماڻھن جي سخت احتجاج کانپوءِ ھاڻ واڳون وارا ڪوڙھا ڳاڙي ڊراما ڪري رھي آھي.
