قاسم خاصخيلي
آئي ايم ايف جي شرطن کان پوءِ شھباز شريف جي وفاقي سرڪار پاران پيش ڪيل مني بجيٽ دوران مختلف شين جي ٽيڪسن ۾ ڪيل واڌ ۽ اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح کي 20 سيڪڙو تائين ڪرڻ کان پوء ان واڌ سبب پئدا ٿيل ملڪ ۾ تازي مھانگائي جي لھر عام ماڻھو جي اڳ ۾ ئي مھانگائي جي ڪري بدتر بنيل زندگي کي وڌيڪ آزمائشن جي ور چاڙھي ڇڏيو آھي، گذريل سال اپريل 2022 ۾ پي پي نواز ليگ ۽ جي يو آئي سميت ٻين پارٽين جي گڏيل اتحاد پي ڊي ايم جي ٺھيل حڪومت ۾ شھباز شريف جي وزير اعظم ٿيڻ کان پوء اوچتو ئي اوچتو ڄڻ تہ مھانگائي وارو هڪ قسم جو بي رحم جن ڄڻ بوتل منجھان نڪري پيو هو جيڪو واپس بوتل ۾ واپس وڃڻ جي لاء تيار نظر نٿو اچي، پي ڊي ايم جي وفاقي حڪومت اچڻ کان پوء معاشي بحران جو سبب ڄاڻائيندي حڪومت پاران مسلسل پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگھ وڌائڻ ۽ مارڪيٽ اندر آمريڪي ڊالر جي لڳاتار اڏام جي نتيجي ۾ روز بروز وڌندڙ ھٿرادو مهانگائي ۽ ذخيره اندوزي ملڪ جي مسڪين طبقي کان ٻن ويلن جي ماني کائڻ جو حق ته اڳ ۾ ئي کسي ورتو هو پر مٿان وري شھباز سرڪار پاران آئي ايم ايف سان ڳالهين ۾ ان جي سخت شرطن کي پورو ڪرڻ معاشي بحران کي منھن ڏيڻ لاءِ پيش ڪيل مني بجيٽ ۽ ان ۾ جي ايس ٽي جي شرح ۾ ڪيل واڌ کان پوءِ ته ويتر مھانگائي جو طوفان تيز ٿيندو ٿو وڃي، اڳي اگر مھانگائي ٿيندي هئي ته شين ۾ سال اندر هڪ يا ڀيرا پنج ڏھ روپين جو اضافو ٿيندو هو پر مھانگائي سبب زندگي جي ضرورت جي هر شيءَ کان ويندي کاڌي پيتي جي شين جا اگھ ماهوار هفتيوار يا روزانو وڌڻ بجاء هاڻ ته ڄڻ ڪلاڪن جي حساب سان وڌي رهيا آھن اگر ڪو سامان صبح جو هڪ ريٽ تي وٺون ٿا ته اهو ئي سامان منجهند جو ٻئي ريٽ تي ملي ٿو ۽ وري شام جو ٽئين ريٽ تي ملي رهيو آھي، ان ڇڙواڳ ۽ هٿرادو مهانگائي کي روڪڻ لاء ڪو خاطر خواھ حڪومتي ايڪشن يا ڪٿي به ڪو چيڪ اينڊ بئلنس نظر نٿو اچي، ڄڻ ته اسان وٽ ڪا حڪومت آھي ئي ڪانه! پر جڏهن وري ٽي وي تي ڏسون ٿا ته حڪومتي وزير مشير ۽ حڪومتي پارٽين جا اڳواڻ ٽاڪ شوز، پريس ڪانفرنسن، جلسن ۾ رڳو عمران خان جي سابق حڪومت ۽ عمران تي تنقيد جو ڪم ڪندي نظر اچن ٿا، ائين لڳي رهيو آھي ڄڻ انهن کي رڳو ان ڪم لاءِ ئي رکيو ويو ھجي باقي عوام جي دانهن ۽ ڪوڪن تي اکيون ڪن بند ڪرڻ جو حڪم مليل هجي، وفاقي حڪومت ۾ ويٺل پارٽين پاران عوام جي ڀلائي لاءِ ڪا خاطر خواھ اڳڀرائي يا رڳو سکڻو پاليسي بيان به ڏسڻ يا ٻڌڻ لاءِ ڪونه ٿو اچي نتيجي ۾ عام ماڻھن جي دلين ۾ حڪومتي ڌرين لاء ڪاوڙ ۽ نفرت جو جنم ٿيڻ لڳو آھي، گذريل سال برساتن ۽ ٻوڏ کان پوء پريشان حال ماڻھن جي پريشانين کي پاسي تي رکي اوچتو وقت کان گھڻو اڳ هن سال مهيني مارچ کان مارڪيٽ ۾ ايندڙ ڪڻڪ جو اگھ الائي ڪھڙي جلد بازي سبب گذريل سال ئي 2000 روپيا مڻ مان وڌائي 4000 روپيا ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ کان پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي سستو اٽو ملڻ به محال بنجي ويو زخيره اندوز واپارين پاران 2000 روپيا مڻ تي خريد ڪيل ڪڻڪ جو اٽو 6000 روپين تائين وڪرو ٿيڻ لڳو جنهن کي ڏسندي بهتر ۽ تڪڙو قدم کڻندي سنڌ حڪومت کي سبسڊي ڏئي سستي اٽي جا اسٽال لڳائڻا پيا پر مل وارن جي چالبازين ۽ پنهنجن گودامن ۾ رکيل ناقص ڪڻڪ ڪڍڻ جي چڪر ۾ سبسڊي جو فائدو عوام کي ڏيڻ بدران مبينا طور انھن ڪروڙين روپين جو منافعو ڪمائي ورتو، جڏهن ته عام ماڻھو کي ڪو خاطر خواھ فائدو نه ملي سگھيو جنهن کان پوءِ عام ماڻھو اڄ به اٽو 120 کان 140 روپيا ڪلو خريد ڪرڻ تي مجبور بنيل آھي جنهن سبب مهانگائي سبب پيڙھيل طبقو، مزدور، ننڍو سرڪاري توڙي غير سرڪاري ملازم ۽ گھٽ پينشن کڻندڙ ريٽائر سرڪاري ملازم ٻٽي عذاب جو شڪار بنيل نظر اچي رهيو آھي، وفاقي حڪومت پاران تازو پيش ڪيل مني بجيٽ ۾ لاڳو ڪيل ٻين ٽيڪسن سان گڏ سيلز ٽيڪس ۾ واڌاري ۽ لگزري شين جي نالي تي جي ايس ٽي جي شرح کي 17 کان 25 سيڪڙو ڪرڻ کان پوء لڳي ائين پيو ته لگزري شين جي آڙ ۾ واپارين وري هر شيءَ تي ٽيڪس جي شرح جو بهانو بنائي هر شيءَ وڌائي ڇڏي آھي صرف چند ڏينهن ۾ مھانگائي ايتري وڌي وئي آھي جو جيڪا کنڊ 85 کان 90 روپيا ڪلو ملي رهي هئي اها وڌي 110 کان 120 روپين تائين پهچي وئي آھي، جڏهن ته 1100 روپين تائين ڪلو ملندڙ پتي به وڌي 1400 يا ان کان به مٿي ٿي وئي آھي، انهن سميت ٻيون کاڌي پيتي جون شيون مرغي گوشت سبزي دوائون سيمنٽ لوھ اسٽيشنري ڪپڙو جوتا ميڪ اپ جو سامان شيمپو صابڻ صرف موبائل فون بيٽريون سولر پليٽون ۽ زندگي جي ضرورت جون ٻيون انيڪ شيون وڌي آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳيون آھن، اڳ ۾ اگر ڪا شيء مهانگي ٿيندي هئي ته ان جي وڌڻ جي ڪا حد به هوندي هئي پر هاڻ ڏھن روپين واري شيء پنجا روپين تائين وڌي ٿي وڃي پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي، خبر ناهي ته وس وارن آفيسرن حڪومتي ڌرين پاران ان طرف مڪمل ڌيان ڇو نٿو ڏنو وڃي، جڏهن ته پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرونڪ ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي پوري ملڪ اندر اڪثر ڏسڻ ۾ اچي رهيو آھي ته هاڻي غريب ماڻھو روز روز ڪلاڪن جي حساب سان وڌندڙ هن ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي سبب بي وسي کان پنهنجا ٻچا به کپائڻ جا هوڪا ڏئي رهيا آھن، ڪي ماڻھو پنهنجي ٻچڙن کي ماري رهيا آھن ته ڪي وري غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ اچي پنهنجي زندگي جو ڏيئو به اجهائيندي دير نٿا ڪن، هن وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب عام ماڻھن ۾ خودڪشين، ٻار وڪرو ڪرڻ يا ٻارڙن کي قتل ڪرڻ جا ايندڙ وقت ۾ خبر ناهي ته ڪھڙا نتيجا نڪرندا پر ان کان اڳ شھباز سرڪار کي چئني صوبائي حڪومتن سان ملي اوچتو وڌندڙ هن بي رحم مھانگائي سميت زخيره اندوزي کي روڪڻ لاءِ ايمرجنسي بنيادن تي قدم کڻي عوام کي سک جو ساھ کڻايو وڃي ته جيئن ايندڙ اليڪشن ۾ موجوده سرڪار سان گڏ ان ۾ شامل پارٽيون عوام وٽان پهرين کان به ڪا وڌيڪ بهتر موٽ ماڻي سگھن.
