جيڪڏهن عدليا ۽ فوج پنهنجو ڪم ڪري ته سياست ۾ ميچورٽي اچي سگهي ٿي: ري اميجنگ پاڪستان سيمينار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته جيڪڏهن عدليا ۽ فوج پنهنجو ڪم ڪري ته سياست ۾ ميچورٽي اچي سگهي ٿي. ڪراچي ۾ نيشنل ڊائيلاگ آن ري اميجنگ پاڪستان جي سيمينار کي خطاب ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته عدليا آئين جي حساب سان نه پنهنجي مرضي سان ڪم ڪندي آهي، ڪڏهن آئين جي پاسدار بڻجي ويندي آهي، ڪڏهن ڊاڪٽرائن ۽ ڪڏهن جج هم خيال ٿي ويندا آهن. شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت جو ڪم پوليس اسٽيشن ۽ ڪورٽ هلائڻ آهي، پيٽرول پمپ هلائڻ ناهي. حڪومت ڪاروبار ناهي ڪندي. مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته ملڪ ۾ معاشي بحران آهي، اسان سريلنڪا ناهيون، ملڪ جو ڏيوالو ٿيو ته هتي ماڻهو باهيون ڏئي ڇڏيندا، هتي سڀني وٽ هٿياربند جٿا آهن، اسان کي نفرتون ختم ڪرڻيون آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں