سامارو ۾ ڳوٺاڻن جو مري برادريءَ جي ماڻهن خلاف احتجاجي مظاهرو

سامارو(ن س) يوسي آراڙو ڀرڳڙي جي ڳوٺ چوڌري ابراھيم جي رھواسي ٽن ڀائرن طالب حسين آرائين، خادم حسين آرائي،ن تنوير حسين آرائين ساڳي ڳوٺ واسي مري برادري جي ماڻھن خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي طالب حسين آرائين ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته اسان جي ديھ ڀرڳڙي ۾ 45ايڪڙ زرعي زمين آھي پاڙيسري مري برادري جي ماڻھن ڌڻي بخش مري محمد بخش مري رحيم بخش مري ڪريم بخش دوست علي مري اڪبر مري ۽ ٻيا اسان جي زمين زوري زبردستي سستي اگھ تي خريدڻ تي زور ڀريندا رھيا آھن زمين کين وڪرو نه ڪرڻ تان ڄاڻايل مري برادري جا ماڻھون ھر روز اسان جي گھرن مٿان ۽ ٻني تي ڪم ڪرڻ دوران اسان تي فائرنگ ڪري اسان جي رستا روڪ ڪري زمين ڇڏي ۽ لڏي وڃڻ لاء تنگ ڪري جاني مالي نقصان رسائڻ جون موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن اسان تر جي معزيزن کي پڻ دانھيو آھي پر ھو ڪنھن جي مڃڻ لاء تيار ناھن ھنن وڌيڪ چيو ته اسان اھڙيون درخواستون حد جي شادي پلي ٿاڻي ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ کي ڏنيون آھن پر پوليس بااثر مري برادري جي ماڻھن مٿان ڪا به قانوني ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي اسان غير محفوظ ٿي گھرن تائين محدود آھيون ھنن پوليس جي اعلي’ عملدارن کان مٿي ڄاڻايل مري برادري جي ماڻھن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري جاني مالي تحفظ جي گھر ڪئي آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں