سنڌ جي شاگردن سدائين ظلم، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف مزاحمت ڪئي آهي: شاگرد اڳواڻ

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي شاگرد تنظيمن جي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ جي شاگردن سدائين ظلم، جبر، ڏاڍ، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف مزاحمت ڪئي آهي، اڄ جو شاگرد انتهائي باشعور آهي، سگهارين ڌرين جي ڪيترن ئي ڪوشش ۽ سازشن باوجود سنڌ جي شاگردن رجعت پسند ۽ تنگ نظر رجهانن کي رد ڪيو آهي، شاگرد سنڌ جي جاگرافي، قومي وجود، ٻولي، زمين ۽ وسيلن جي مالڪي ڪندو، شاگرد يونين تي بندش هڻڻ جي لاءِ شاگرد سياست کي هٿ وٺي بدنام ڪيو ويو، مذهبي جماعتن جي شاگرد ونگ جي ذريعي تعليمي ادارن ۾ هٿيار متعارف ڪرايا ويا، سازش تحت ترقي پسند ۽ قومپرست شاگرد تنظمين وچ ۾ جهيڙا ڪرايا ويا، سنڌ جا تعليمي ادارا شاگردن جي لاءِ مقتل گاهه بڻجي ويا آهن، پاڻي گهرڻ تي شاگردن مٿان بغاوت جا ڪيس داخل ٿين ٿا، شاگرد کنڀي گم ڪري کين تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، پيپلزپارٽي شاگرد يونين جي بحالي جو لولي پاپ ڏيڻ بجاءِ حقيقي بنيادن تي شاگرد يونين جي بحالي تي چٽو موقف اختيار ڪري، اهڙي شاگرد يونين جي بحالي نه گهرجي جنهن ۾ شاگرد يونين يونيورسٽين جي آمريت وارن ڏينهن جي ضابطه اخلاق تي هلي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن روشني پبليڪيشن پاران ڪالهه سنڌ ميوزيم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ شاگرد سياست، بندش، سرپرستي، يونين سازي ۽ بحالي جا دڳ جي عنوان هيٺ ٿيل ويهڪ ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هن ويهڪ ۾ ترقي پسند ۽ قومپرست تنظيمن جي شاگردن اڳواڻن شرڪت ڪئي. هن ويهڪ جو ماڊيٽر سارنگ جويو هو. ان موقعي تي شاگرد اڳواڻ ڪامريڊ وجاهت حسين چيو ته شاگرد سياست جي سوال کي ڪڏهن به ترجيح نه ڏني وئي آهي. هن چيو ته 4 مارچ جي شاگرد جدوجهد هڪ ڪاري دور خلاف هئي، شاگردن نظام کي چئلينج ڪيو، ان جدوجهد هڪ وڏي تحريڪ کي جنم ڏنو، جيلن ۾ واڙيل سياسي قيدين کي آزاد ڪيو، ون يونٽ ٽوڙيو، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپرايو وارا نعرا لڳا. هن چيو ته 70ع کان اڳ تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين جي اڳواڻي کاٻي ڌر وٽ هئي، پر 70ع واري ڏهاڪي کانپوءِ تعليمي ادارن ۾ شاگرد تنظمين کي پاڻ ۾ وڙهائي هڪ مذهبي جماعت جي شاگرد تنظيم کي مضبوط ڪيو ويو. هن چيو ته شاگرد سياست کي تشدد ۽ جبر جي ذريعي روڪيو ويو، هاڻوڪي دور ۾ قومپرست شاگرد تنظيمن سان گڏ کاٻي ڌر جي شاگرد تنظيمن شاگرد يونين جي بحالي لاءِ احتجاج ڪيا آهن، سنڌ جي حڪمرانن شاگرد يونين جي بحالي جو اشارو ته ڏنو آهي، پر ان بل ۾ لکيو اٿن ته توهان شاگرد يونيورسٽي جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تحت هلندا، پر اسان چئون ٿا ته يونيورسٽين جا ضابطه اخلاف ٺهيا ئي شاگرد يونين تي بندش کانپوءِ ٺهيا هئا. هن چيو ته اڄ شاگردن کان تعليم جو حق کسيو پيو وڃي، بندوق جي هيٺيان شاگردن کي تعليم ڏني پئي وڃي، بندوق جي هيٺيان جهادي ته پيدا ٿي سگهن ٿا، پر پروگريسو ۽ سيڪيولر شاگرد پيدا نٿو ٿي سگهي. جساف جي اڳوڻي سيڪريٽري سعيد چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته جساف جو قيام هشو ڪيول راماڻي جي سوچ جي تسلسل جو نتيجو آهي، جنهن جو مقصد ترقي پسندي جي بنياد تي شعوري سياسي لاٽ کي ٻاري رکڻ هو، جساف ماڻهن جي شخصيت نگاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جساف اها واحد تنظيم آهي، جنهن جا ادارا بحال رهيا آهن، جڏهن هڪ مذهبي ماڻهو هولي جي مخالفت ڪري ٿو ته جساف سنڌ يونيورسٽي ۾ هولي ملهائي جواب ڏئي ٿي، جساف نوجوانن جي چچريل لاشن ملڻ وارن واقعن کان وٺي هر سنڌ دشمن منصوبي خلاف احتجاج ڪندي روڊن تي نڪري ٿي، جساف ويجهي ماضيءَ جي تاريخ ۾ شيهد بشير قريشي جهڙا وڏا سياسي ڪردار پيدا ڪيا آهن، هاڻ بشير خان قريشي جهڙو ڪردار پيدا نٿو ٿي سگهي. سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ عاطف ملاح چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ مقرريون پرچين ۽ سفارشن تي ٿين ٿيون، حڪمران جي آشرواد سان ماڻهو سنڌ جي يونيورسٽين ۾ مقرر ٿين ٿا. هن چيو ته سرمائيداري نظام جي سوچ يونيورسٽين مان رڳو ڪلرڪ پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته 4 مارچ جي جدوجهد جو اصل سبب ون يونٽ هو، شاگردن ۾ وڏي ڪاوڙ هئي، پوءِ شاگردن کي هڪ موقعو مليو ته هنن ون يونٽ خلاف ڪاوڙ جو ڀرپور اظهار ڪيو، پر ان کانپوءِ شاگرد سياست کي هٿ وٺي بدنام ڪيو ويو، شاگردن کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو. هن چيو ته اًڄ شاگردن جي لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ تمام ڏکيو ٿي پيو آهي، شاگرد معاشي جبر جو شڪار ٿي رهيا آهن. پي ايس سي جي اڳواڻ ورثا پيرزادو چيو ته هڪ سازش تحت اها ڳالهه عام ڪئي وئي ته شاگرد سياست غنڊا گردي جو نالو آهي، نصاب کان ويندي ميڊيا جي ذريعي ماڻهن جي ذهن ۾ اها ڳالهه ويهاري وئي آهي ته شاگرد سياست خراب آهي، ڇوڪريون ته پري جي ڳالهه آهي پر ڇوڪرا به سياست ۾ حصو نه وٺن. هن چيو ته اڄ حالتون تمام گهڻيون خراب آهن، شاگرد گم ڪيا وڃن ٿا، سندن ڪيس داخل ٿين ٿا، احتجاج ڪرڻ تي شاگرد ظلم ۽ جبر جو نشانو بڻجن ٿا، اهڙي صورتحال ۾ شاگرد سياست جي ڳالهه ڪرڻ تمام سٺي ڪوشش آهي. جساف بشير خان جي اڳواڻ مبشر جاگيراڻي چيو ته اڄ پاڻ سڀئي گڏجي هڪ هنڌ ويهي هڪٻئي کي ٻڌي سگهون ٿا، اها سٺي ڳالهه آهي، ماضيءَ ۾ ڪجهه عنصر رهيا جن جي ڪري شاگرد تنظيمن ۾ جهيڙا ٿيندا هئا، ان حد تائين هڪ ئي شاگرد تنظيم جي اجلاس ۾ وڏا جهيڙا ٿي پوندا هئا. هن چيو ته بدقسمتي سان اسان کي ڪٿي ڪٿي مايوس به رکيو ويو آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو ٻاهر ويهي حقن جي ڳالهه ڪن ٿا، پر ادارن جي اندر شاگردن جي خلاف ٿيندڙ ڪاررواين جي حمايت ڪن ٿا، شاگردن جي ٿيندڙ هراسمينٽ تي اهي ماڻهو خاموش ٿي ڪري شاگردن جي ڇت تي فورسز جي قبضي خلاف هڪ لفظ به ڳالهائڻ جي لاءِ تيار ناهن هوندا. پي آر ايس ايف جي اڳواڻ سنجها چنا چيو ته ضياءَ جي دور ۾ مذهبي جماعتن جي شاگرد ونگ کي تعليمي ادارن ۾ ڇوٽ ڏني وئي، جن تعليمي ادرن ۾ گنڊا گردي شروع ڪئي ۽ بعد ۾ هن رياست شاگرد سياست کي بدنام ڪيو، مذهبي جماعت جي ونگ هٿان تعليمي ادارن ۾ هٿيار متعارف ڪرايا ويا. هن چيو ته 71ع کان اڳ ۾ تعليمي ادارن ۾ تشدد ۽ هراسمينٽ جا واقعا نه ٿيندا هئا، هاڻ تعليمي ادارا مقتل گاهه بڻجي ويا آهن، شاگرد پاڻي جي لاءِ به احتجاج نٿا ڪري سگهن، تعليمي ادارن ۾ شاگردن جا لاش ڏنا وڃن ٿا. هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ شاگردن کان پنهنجي مادري ٻولي ۽ پنهنجا هيروز کسي هٿ ٺوڪيا هيروز ٺاهي پڙهايا وڃن ٿا، شاگرد فيصلاسازي ۽ نمائندگي کان رهجي ويو آهي، سياسي تنظيمن ۾ به شاگردن جي ميمبرشپ کان ويندي نمائندگي جا مسئلا آهن. شاگرد اڳواڻ شاهد حسين شر چيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ مذهبي جماعت جي ايتري مونوپولي آهي ته ڪو به شاگرد گٽار به نٿو وڄائي سگهي، انهن جي تعصب پرست ماڻهو ۽ انتظاميا به پٺڀرائي ڪن ٿا، ان مذهبي جماعت جي شاگرد ونگ جي ماڻهن ڀتين تان لطيف جا بيت به ڊاٿا، سنڌي شاگرد سٿ نظرياتي طور تي کين شڪست ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي، اسان انهن ماڻهن کي يونيورسٽي ۾ هولي ملهائي جواب ڏنو هو. سياف جي اڳواڻ زيب جتوئي چيو ته هن رياست جا بنياد ئي اينٽي پروگريسو آهن، ترقي پسندي کي هٿي وٺرائڻ هتي ڏوهه قرار ڏنل آهن، مظلوم قومن ۽ طبقن جي ڳالهه جيڪو به ڪندو ان کي ڪچليو ويندو. هن چيو ته تعليمي ادارن اندر مذهبي جماعتن جي ذريعي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو ٻج ڇٽرايو ويندو رهيو آهي، موجودا وقت ۾ جيڪڏهن هولي خلاف موقف اچي ٿو ته اهو به مذهبي جماعتن جي طرفان اچي ٿو. هن چيو ته اسان کي سنڌ جي سيڪيولر تاريخ کي بچائڻو آهي. پي آر ايس ايف جي اڳواڻ جئه ڪمار چيو ته اهڙي صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي، شاگرد پاڻ ئي سياست کان ڇرڪي ٿو، تعليمي ادارن ۾ پاڻي گهرڻ تي شاگردن مٿان بغاوت جا ڪيس داخل ٿين ٿا. هن چيو ته شاگرد هر مسئلي تي پنهنجي سياسي تنظيم سان گڏ بيٺو هوندو آهي، پر جڏهن شاگردن جو مسئلو اچي ٿو ته سياسي تنظيمون پنهنجي شاگرد تنظيمن جي ڳالهه ئي نٿيون ٻڌن، شاگردن اندر سنڌ جو مزاحمتي ڪلچر رهيو آهي ۽ اڄ به موجود آهي، پر سنڌ جي شاگرد سياست تي لکيو ئي نه ويو آهي. هن چيو ته هي حڪمران پاڻ کي ته جمهوري چون ٿا، پر شاگرد يونين جي ڳالهه اچي ٿي ته ٽڪ ساٽ ڪرڻ شروع ڪندا آهن، ان لاءِ سمورين ترقي پسند، قومپرست شاگرد تنظمين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ گهرجي. سنڌ شاگرد سڀا جي اڳواڻ شهباز پيرزادو چيو ته تعليمي ادارن ۾ سڌارا وڏي تحريڪ جي کانسواءِ ممڪن ناهي، فقط يونين، فيسن ۽ پاڻي جو مسئلو ناهي، سنڌ اندر رياست سيڪيولر روايتن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، شاگردن فرسودا نصاب پڙهايو وڃي ٿو، نصاب ۾ مذهبي انتهاپسندي جهلڪي ٿي، شاگردن کي لطيف، ڪلاسيڪل ادب، موسيقي ۽ سيڪيولر روايتن کان پري ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته سنڌ جي شاگرد سياست ٻولي، ثقافت، قومي حقن ۽ جمهوري روايتن جي امين آهي. جي ايس ايس ايف جي اڳواڻ اڪبر رضوي چيو ته آزاد سماج جي شاگرد سياست ۽ اسان جي شاگرد سياست ۾ تمام وڏو فرق آهي، شاگرد سياست قومي ۽ سماجي انقلاب جي لاءِ هڪ نرسري پيدا ڪندي آهي، اهو ضروري ناهي ته مدر ونگ کانسواءِ ڪا شاگرد تنظيم نٿي ٺهي سگهي. ان موقعي تي مرتضي بلوچ، وجاهت هنڱورجو، دانش پرمار، فيصل مستوئي، عامر حسين ۽ ٻين پڻ ڳالهايو.

حيدرآباد؛ جناح، ورهاڱو ۽ پاڪستان؛ سنڌ جو ڪيس جي موضوع تي ويهڪ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ماڊيٽر ناميارو ليکڪ جامي چانڊيو هو، جڏهن ته مقرر انگريزي ڪتاب “جناح، ان جون ڪاميابيون، ناڪاميون ۽ تاريخ” جو ليکڪ ناميارو اسڪالر ڊاڪٽر اشتياق احمد هو. ان موقعي تي ڊاڪٽر اشتياق احمد ڳالهائيندي چيو ته ورهاست واري سياست ڀڃڊاهه واري سياست ٿيندي آهي، پاڪستان جيڪڏهن ٽٽي ٿو ته اپر ڪلاس وري گڏجي پاڻ کي بچائي ويندو، پر مظلوم ۽ پيڙهيل طبقو وري وڌيڪ لوڙيندو. هن چيو ته مذهب جي بنياد تي ٺهندڙ ملڪ ۾ اڻ برابري وارو سوال موجود رهندو، ورهاڱي کان اڳ حڪومت انگريزن جي هٿ ۾ هئي، اهو فيصلو انگريزن کي ڪرڻو هو ته سنڌ کي الڳ ڪرڻو آهي يا ناهي ڪرڻو. هن چيو ته پاڪستان انگريزن جو ملٽري پراجيڪٽ هو، ان جو سبب اهو هو ته جيئن سوويت يونين جهڙن اثرن کي منهن ڏئي سگهجي، هي برطانيا جي فوج جي اسٽيٽ پاليسي سازش هئي، ان ۾ نه ڪانگريس جو ڪو ڪردار هو نه ئي مسلم ليگ جو ڪردار بڻيو هو. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پهرين ڪابينا ۾ بنگلاديش ۽ سنڌ کي انهن جي حيثيت موجب نمائندگي نه ڏني وئي، بنگلاديش جو صرف هڪ نمائندو کنيو ويو هو، جنهن جي به ڪا سياسي حيثيت نه هئي، پاڪستان ۾ ٻه قومي نظريي جي ڳالهه ڪري سمورن سوالن ۽ تضادن جي حل جا دروازا بند ڪيا ويا. هن چيو ته پاڪستان ۾ صوبائي خودمختياري جي ڳالهه ڪندڙن کي پاڪستان جو مخالف قرار ڏنو ويو، پاڪستان ٺهڻ جي پهرين ڏينهن کان طاقت جي توازن کان وٺي ٻولي جي مسئلي تائين ڪنهن به مسئلي تي ڪو به خيال موجود نه هو، محمد علي جناح کانپوءِ اهو جهيڙو اڃا وڌي ويو، جناح جي 11 آگسٽ جي تقرير کانسواءِ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۽ پوءِ جناح جو ڪردار متضاد رهيو آهي. هن چيو ته اهو غلط آهي ته مسلمانن جي سمورين جماعتن پاڪستان جي مخالفت ڪئي هئي، جماعت اسلامي جو ان دور ۾ ته ڪو وڏو ڪردار نه هو نه ئي جماعت اسلامي جي ڪا ان وقت ڪا سگهه هئي، پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اها جماعت ئي سڀ کان وڏي ڌڻي ٿي سامهون آئي. هن چيو ته مون پنهنجي ڪتاب ۾ جناح کي چار مختلف مرحلن ۾ رکيو آهي، 1937ع کانپوءِ ورهاڱي واري ڳالهه زور ورتو، آخر ۾ اهو ممڪن ئي نه رهيو هو ته هندستان جو ورهاڱو رڪجي سگهي. هن چيو ته ورهاڱي وقت لکين ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رهيا هئا، ڪيمپن ۾ وڃي پهتا هئا، ان وقت محمد جناح ممبئي پنهنجي گهر بابت نهرو کي اپيل ڪئي ته منهنجي گهر کي انڊيا جي حڪومت پاڻ نه وٽ نه رکي، پر اهو ڪنهن انگريز کي ڪرائي تي ڏئي ڇڏي ۽ مون کي هر مهيني 3 هزار ڪرايو ملندو به رهي، مون پنهنجي ڪتاب ۾ ان جو به ذڪر ڪيو آهي، محمد علي جناح وزيراعظم بڻجڻ بجاءِ گورنر جنرل ٿيڻ پسند ڪيو. هن چيو ته ورهاڱي کان انگريزن جڏهن ترڪن خلاف جنگ جو محاذ کوليو ته سنڌ جي پيرن ترڪن خلاف انگريزن جي فوج ۾ هتان جي مسلمان فوجين جي شموليت جي مخالف ڪئي، سنڌ جي پنهنجي سياسي تاريخ جي وڏي حيثيت آهي، جنهن تي لکيو نه ويو آهي. هن چيو ته نيشن اسٽيٽ اها ئي ٿيندي آهي جيڪا ماڻهن سان انصاف ڪري، پاڪستان جي معاشري ۾ طبقي جو سوال زبان به آهي، جيڪڏهن ڪو سٺي انگريزي ڳالهائي ٿو ته سمجهيو ويندو آهي ته اهو مٿين طبقي جو ماڻهو آهي، جنهن کي آئون انتهائي خراب پاليسي سمجهان ٿو. هن چيو ته انڊيا ۾ هر رياست اندر انگريزي هر ٻار کي سيکاري وڃي ٿي، پر تعليم اتان جي مادري زبان ۾ ڏين ٿا، انڊيا سان اسان جي دشمني بي معني آهي، جنهن جو پاڪستان کي معاشي طور تي نقصان ٿي رهيو آهي، انڊيا 5 وڏي معيشيت آهي ۽ هاڻ اها ٽين وڏي معيشيت ٿيڻ وڃي پئي، ان ڪري پاڙيسري ملڪ سان واپار جو سلسلو شروع ڪري واپار جي لاءِ رستا کوليا وڃن ته بنا ڪنهن خرچ جي پاڪستان کي وڏو معاشي فائدو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ جيڪي ناانصافيون ٿيون آهن ان جا اثر هاڻ سامهون اچي رهيا آهن ته پاڪستان کي ڊفالٽ ٿيڻ جو خطرو آهي، رياست جون پاليسيون جيڪڏهن سٺيون هجن ها ته اًڄ پاڪستان جو هي حال نه ٿئي ها.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں